آمريڪي صدر ڊونلڊ اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ جو ذڪر ڪندي چيو تہ پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي جنگ ڏانھن وڌي رھيا ھئا، جنگ روڪرائي لکين جانيون بچايون.
پنهنجي ٻئي صدارتي دور جي پهرين اسٽيٽ آف دي يونين تقرير ۾ صدر ٽرمپ اميگريشن، آمريڪي معيشت ۽ منشيات خلاف قدمن تي ڳالهائيندي دنيا ۾ جاري ڪيترين ئي جنگين کي ختم ڪرائڻ جو دعويٰ پڻ ڪئي۔
صدر ٽرمپ چيو تہ هن اٺ جنگيون روڪرايون، ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ تڪرار روڪرايو، اسرائيل ۽ ايران سميت ڪانگو ۽ روانڊا جي جنگ روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بہ جنگ کي روڪرائي جيڪا ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي پئي۔
هن چيو تہ پاڪستاني وزيراعظم سندس باري ۾ چيو تہ جيڪڏھن آمريڪا مداخلت نہ ڪري ھا تہ لکين ماڻھو مارجي وڃن ھا
صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ هن غزا جي جنگ روڪرائي ۽ جنگبندي معاهدي تحت يرغمالين کي واپس ڪرايو،سندس چوڻ هو تہ 28 مئل يرغمالين جا لاش بہ هٿ ڪيا ويا، حماس ۽ اسرائيل گڏجي لاش ھٿ ڪيا.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو تہ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن۔
ايران بابت ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو تہ ايران جا ميزائل يورپي ملڪن ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن لاءِ خطرو آهن ۽ ايران اهڙا ميزائل تيار ڪري رھيو آهي جيڪي جلد آمريڪا تائين پهچي سگهن ٿا۔
هن چيو تہ آمريڪا جوھري تنصيبات تباهه ڪرڻ بعد ايران کي خبردار ڪيو هو تہ ٻيهر جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪري، اهو ٻڌڻ چاهيون ٿا تہ ايران نيوڪليئر هٿيار نہ ٺاهيندو۔
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو تہ آمريڪا “طاقت وسيلي امن” تي يقين رکي ٿو، پر ترجيح اها آهي تہ ايران جو مسئلو سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ امڪاني معاهدي لاءِ ڪوششون جاري آهن…