ايراني حڪومت خلاف سڄي دنيا ۾ مظاھرا، ”ھيءَ تہ انقلاب آھي“.

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام- واشنگٽن

رپورٽ: فياض نائچ

ايراني حڪومت جي خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا آهن. اهي مظاهرا اڳوڻي ايراني شاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي پاران ’گلوبل ڊي آف ايڪشن‘ جي ڏنل سڏ تي ڪيا ويا.

جرمني جي شهر ميونخ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي لک ماڻهن جي احتجاج کي خطاب ڪندي رضا پهلوي موجوده حڪومتي ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪئي ۽ حڪومت جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. اهڙي طرح لاس اينجلس ۽ ٽورنٽو ۾ به وڏا احتجاجي مظاھرا ڏسڻ ۾ آيا.

تل اببيب، لزبن، سڊني ۽ لنڊن سميت دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن ايران ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومتي جبر خلاف آواز بلند ڪيو.

انساني حقن جي آمريڪي اداري ’هراڻا‘ موجب، هن وقت تائين 6,872 مظاهرا ڪندڙ مارجي ويا آهن، جن ۾ 150 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن. جڏهن ته ايراني اختيارين 3,000  کان وڌيڪ ماڻھن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

رضا پھلوي ۽ سندس ڌيءَ جا مطالبا

Getty Images-BBC urdu

لاس اينجلس ۾ رضا پهلوي جي ڌيءُ نور پهلوي خطاب ڪندي چيو ته ايراني عوام آزادي جي تمام ويجهو آهي. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ته ايران جي قيادت سان جاري جوھري ڳالهيون ختم ڪيون وڃن.

ٽورنٽو ۾ ساڍي ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، جن جو چوڻ هو ته هو ايران ۾ موجود پنهنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين جو آواز بڻجي نڪتا آهن.

ايران ۾ ڇا پيو ٿئي؟پسمنظر

Getty Images

ايران ۾ اهي احتجاجي مظاهرا 28 ڊسمبر تي معاشي بحران خلاف تھرام مان شروع ٿيا هئا، جيڪي جلد ئي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ملڪ جي 100 کان وڌيڪ شهرن تائين پکڙجي ويا آهن. ڪيترن ئي مظاھرين رضا پهلوي جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ کيس سياست ۾ واپس اچڻ جو مطالبو ڪيو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ ڇڪتاڻ جي شروعات ۾ آيت اللہ خامنئي تي الزام ھنيو تہ ھو جبر ذريعي مظاھرين جو قتلِ عام ڪري رھيو آھي، واشنگٽن مظاھرين سان گڏ آھي، يورپي يونين سميت مختلف ملڪن ايران ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي سوال اٿاريا ھئا، جڏھن تہ ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي الزامن کي سازش قرار ڏيندي ڌمڪي ڏني ھئي تہ جيڪڏھن ٽرمپ ايران تي حملو ڪيو تہ منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں