ايران، پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ٺاھ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ايران پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي آھي.

سفارتي ذريعن موجب، ايراني پرڏيھي وزير سيد عباس عراقچي پرڏيھي وزير اسحاق ڊار ۽ افغان پرڏيھي وزير امير خان متقي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو تہ ايران صلح ڪرائڻ لاءِ ھر ممڪن مدد لاءِ تيار آھي

ذريعن موجب، فون تي ڳالهہ ٻولهہ دوران اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيھي وزير ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

ايراني وزير پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ صلح لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي ۽ ٻنھي ملڪن جي قديم ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي اھميت تي زور ڏنو

سفارتي ذريعن موجب، ايران پاران افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ايراني وزير زور ڏنو تہ ٻنھي ملڪن کي ڳاليھون جاري رکڻ گھرجن، ايراني صدر چيو تہ ايران ھر ممڪن مدد لاءِ تيار آھي تہ جيئن ٻنھي ملڪن ۾ امن قائم ٿي سگھي.

ذريعن موجب، اسحاق ڊار افغانستان سان ڳالھين ۽ موجودہ حالتن تي روشني وڌي، اسحاق ڊار چيو تہ علائقائي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي، ٻنھي اڳواڻن ان معاملي تي رابطا ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

سفارتي ذريعن موجب، ايراني پرڏيھي وزير افغان پرڏيھي وزير امير خان متقي سان پڻ فون تي رابطو ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں