ايران آمريڪي صدر جي ڳالهين واري رڇ رد ڪندي آمريڪا سان ڳالھيون ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔
ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهہ علی لاریجانی ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو تہ ايران آمريڪا سان ڳالهيون نہ ڪندو۔
علي لاريجاني چيو تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڻمرادو ٺاهيل خيالن وچ اوڀر کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي۔
ان کان اڳ آمريڪي رسالي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو تہ هو نئين ايراني اڳواڻ سان ڳالھين لاءِ تيار آهن ۽ دعويٰ ڪئي تہ ايران جو نئون اڳواڻ بہ ساڻس ڳالهين جو خواهشمند آهي۔
واضح رھي تہ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن کانپوءِ ايران طرفان جوابي ڪارروائي جاري آهي، جڏھن تہ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران بہ ايران تي حملا جاري آھن…..