لائیو ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ ۾ شدت، ايران حملن جي 51 ھين لھر شروع ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ ۾ شدت وڌي وئي آھي،  ايران حملن جي 51 ھين لھر شروع ڪندي سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو آھي.

آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران جي مختلف علائقن تي حملا جاري آهن، جن ۾ صوبي اصفهان جا ڪيترائي ھنڌن کي نشانو بڻايا ويو  ۽ حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جي شهادت جي اطلاع آهي۔

ٻئي طرف ايران بہ اسرائيل تي ميزائلن جي  برسات ڪري ڇڏي آهي، اسرائيلي شهر هولون ۾ ميزائل ڪريا آھن.

ايراني فوج دعويٰ ڪئي آھي تہ ھن عراق ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آھي.

ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايراني اختيارين معاهدي لاءِ رابطو ڪيو آهي، پر موجودہ شرطون آمريڪا کي قبول ناھن ۽ هن وقت ڳالهين لاءِ حالتون مناسب نہ آهن۔

ايران جي پاسداران انقلاب اعلان ڪيو آهي تہ آپريشن وعد الصدق تحت حملن جي نئين لهر شروع ڪئي وئي آهي۔

پاسداران انقلاب موجب هن سلسلي جي 51 هين ڪارروائي ۾ سعودي عرب جي شهر الخرج ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، جتي F-35 ۽ F-16 جي تربيت وارن مرڪزن کي هدف بڻايو ويو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں