ايبٽ آباد ۾ ڊمپر اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، 3 فوت، 5 زخمي

فہرستِ مضامین

ايبٽ آباد ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ اسڪول ويندڙ 3 ٻارڙا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا آھن.

ايف بي آر آفيس ويجھو ڊمپر اسڪول ويندڙ معصوم ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو.

حادثي سبب 3 اسڪولي ٻارڙا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فوتين ۾ 10ورھين جو ريحان، 14ورھين جي منال ۽ سواد خان شامل آھن.

حادثي ۾ 5ورھين جي عروہ، 13ورھين جي سويرا، يشفا ۽ 11ورھين جو احتشام شامل آھن. ريسڪيو ٽيمن موجب فوت ٿيل ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں