اوڏيرو لال مان کنڀيل تازو ڄاول ٻار هٿ اچي ويو، دائي گرفتار،” ٻار وڪڻڻ لاءِ کنيو هو“: نرس جو اعتراف

فہرستِ مضامین

رپورٽ: ساجن مير/اڏيرو لال

اڏيرو لال ۾ خانگي اسپتال مان کنڀيل تازو ڄاول ٻارڙو ھٿ اچي ويو، اسپتال جي نرس کي گرفتار ڪيو ويو آھي..

ٻارڙي جي بازياب ٿيڻ بعد سرڪاري فرياد تي دائي نرگس ناز ۽ عورت سميت ٻن اڻڄاتل ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو..

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته اسپتال مان گم ٿيل ٻارڙي جي ھڪ مسافر خاني ۾ موجود ھجڻ جو  الزام مليو، جنھن تي ڪارروائي ڪئي وئي..

ايف آءِ آر موجب ڇاپي دوران مسافر خاني ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا موجود ھئا، اھلڪارن کي ڏسي ھڪ مرد ۽ عورت فرار ٿي ويا، جڏھن ته اسپتال جي نرس کي گرفتار ڪيو ويو..

پوليس موجب ڇاپي دوران گرفتار ٿيل نرس وٽان ٻارڙو ھٿ آيو آھي، جنھن کي وارثن حوالي ڪيو ويو آھي..

پوليس جو چوڻ ھو ته گرفتار ٿيل نرس ٻارڙي کي وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں