آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ ھاڻ گھڻو ٿي ويو، اسرائيل کي اولھندي ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين.
اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ھاڻ حملن ۽ قبضي جو سلسلو رڪجڻ گھرجي، ان معاملي تي اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو سان بہ ڳالھ ٻولھ ٿي آھي.
عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي اختيارين صدر ٽرمپ کي پيغام ڏنو ھو اولھندي ڪناري جي ڪجھ حصن تي ڪنٽرول لاءِ ڪارروائي ڪري سگھن ٿا.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عرب ۽ اسلامي ملڪن جي سربراھن آڏو غزا ۾ امن لاءِ پيش ڪيل منصوبي جا تفصيل منظر عام تي اچڻ لڳا.
عالمي خابرو اداري اي ايف پي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي ۾ غزا ۾ مستقل جنگ بندي، يرغمالين جي آزادي، اسرائيلي فوجين جي نيڪالي ۽ وڏي پيماني تي انساني امداد جي فراهمي شامل آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ غزا ۾ امن لاءِ هڪ نئون منصوبو پيش ڪيو ھو.
هي منصوبو گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، قطر، مصر، اردن، ترڪي، انڊونيشيا ۽ پاڪستان جي اڳواڻن کي پيش ڪيو ويو، اي ايف پي پاران رپورٽ ڪيل تفصيلن موجب عرب ۽ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن صدر ٽرمپ جي تجويز جي آجيان ڪئي آھي ۽ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۽ غزا تي قبضي جي ڪنهن به ڪوشش کي ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
وچ اوڀر لاءِ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف چيو ته اهو “ٽرمپ جو 21 نقطن وارو امن منصوبو” آهي جيڪو اسرائيل ۽ خطي جي سڀني پاڙيسري ملڪن جي خدشن کي ختم ڪري ٿو.
عرب ۽ اسلامي اڳواڻن زور ڏنو ته اولهه ڪناري جي ڪجهه حصن کي اسرائيل سان ملائڻ يا قبضي هيٺ يروشلم ۾ مذهبي هنڌن جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪا بہ ڪوشش نہ ڪئي وڃي.
ٽرمپ طرفان ٽڪ ٽاڪ بابت ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيح

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽڪ ٽاڪ معاھدي بابت ايگزيڪٽيو آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي، ھاڻي آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ سيڙپڪارن جي ملڪيت ھوندي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آھي تہ چين جي صدر شي جن پنگ ٽڪ ٽاڪ معاھدي جي منظوري ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.
واضح رھي تہ صدر ٽرمپ چين جي سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي سدائين خدشن جو اظھار ڪندي پابندي لڳائڻ جي ڌمڪي ڏيندو رھيو آھي، صدر ٽرمپ چيو آھي تہ ٽڪ ٽاڪ کي چين جي حڪومت ماڻھن جي نگراني ۽ جاسوسي لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿي، انڪري ان جي سڪيورٽي ۽ ملڪيت آمريڪا ۾ آمريڪي ماڻھن وٽ ھئڻ گھرجي.
ٽڪ ٽاڪ معاھدي صحيح بعد اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ اڄ غزھ تي ڳالھ ٻولھ انتھائي بھترين رھي، مسلمان ملڪن سان نتيجا خيز ڳالھيون ٿيون، حماس جي قيد ۾ اسرائيل جي يرغمالين کي بہ جلد آزاد ڪرايو ويندو.