اولمپڪس راندين ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم فٽينس مسئلن سبب ھلندڙ مھيني پولينڊ ۾ رٿيل ڊائمنڊ ليگ کان ٻاھرٿي ويو، ارشد نديم انگلينڊ ۾ پير جـِي کُڙي جي سرجري ڪرائي آھي، ھن انڪشاف ڪيو آھي تھ کيس 21 جولاءِ 2024 تي لاھور ۾ پريڪٽس دوران پير جي کُڙي ۾ ڌڪ لڳو ھو پر ان باوجود ھن اولمپڪس ۾ شرڪت ڪئي ھئي.
جيولن ٿرو ارشد نديم کڙي جي انجري سبب مڪمل طور صحتياب ناھي ٿي سگھيو، اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ کي ڊاڪٽرز ڊائمنڊ ليگ ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آھي.
پاڪستان جي ايٿيلٽ جي فٽينس جي بحالي وارو پروگرام انگلينڊ ۾ ڊاڪٽر علي شير باجوا جي نگراني ۾ ھلي رھيو آھي، ڊاڪٽرن موجب ارشد نديم جي انجري سنجيدھ نوعيت جي آھي، ان ڪري رسڪ نٿو کڻي سگھجي.
اولمپيئن ارشد نديم ري ھيپ دوران ڄنگھھ تي وزن بھ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھلڪي ويٽ ٽريننگ بھ شروع ڪئي آھي.
عالمي اٿليٽڪس ۾ بھ شرڪت مشڪوڪ
قومي اٿيليٽ جي ورلڊ اٿليٽڪس ۾ بھ شرڪت سندس بحالي واري پروگرام سان مشروط ٻڌائي پئي وڃي، سندس ري ھيپ وارو پروگرام مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان جي ورلڊ اٿليٽڪس چيمپئن سپ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويندو.
پولينڊ ۾ ٿيندڙ ڊائمنڊ ليگ ۾ ارشد نديم جو روايتي مخالف ڀارت جي نيرج چوپڙا سان مقابلي جو انتظار ڪيو پئي ويو پر پاڪستاني ايٿليٽ جي سرجري جي ڪري ٻنھي جو دنگل نھ ٿي سگھندو.
قومي ايٿليٽ آگسٽ 2024 ۾ پيرس اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جو تاريخي ٿرو ڪيو ھو ۽ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو ھو، ھن اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ 32 سالن کانپوءِ ڪو ميڊل کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان کان علاوھ ارشد نديم انفرادي طور تي پاڪستاني لاءِ پھريون اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ بڻيو.
ان کان علاوھ ھنگري ۾ ٿيل ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ 2023 ۾ ارشد نديم 87.82 جي رڪارڊ ٿرو ڪري سلور ميڊل پنھنجي نانءُ ڪيو ھو.
ارشد نديم کي ڪٿي ڌڪ لڳو ھو؟
ارشد نديم انگلينڊ ۾ پير جي کڙي جي سرجري ڪرائي آھي، جنھن کانپوءِ ھو ري ھيپ جي زمري ۾ آھي پر کيس ڌڪ ڪيئن لڳو، اھا شايد ميڊيا ۾ رپورٽ نھ ٿي ھئي.
انڪشاف ڪيو ھو تھ کيس 21 جولاءِ 2024 تي لاھور ۾ پريڪٽس دوران پير جي کُڙي ۾ ڌڪ لڳو ھو، ان ڌڪ لڳڻ باوجود ھو 24 جولاءِ تي اولمپڪس لاءِ روانو ٿيو ھو، پھريون ٿرو ڪرڻ دوران کيس سخت تڪليف ٿي رھي ھئي.
ارشد نديم جو چوڻ آھي تھ سندس ھدف جاپان جي شھر ٽوڪيو ۾ سيپٽمبر ۾ رٿيل ورلڊ ايٿيليٽس چيمپئن شپ آھي، ھو صحتياب ٿيڻ کانپوءِ واپسي جي ارادي ۾ آھي، ھن ٻڌايو تھ لاھور ۾ گرمي ھئڻ سبب ھو انگلينڊ ۾ جلد تربيت شروع ڪندو، سندس موجودھ فوڪس عالمي چيمپئن شپ تي آھي.