اورڪزئي آپريشن ۾ ھڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر سميت پاڪ فوج جا 11 جوان شھيد، 19 دھشتگرد بہ مارجي ويا

فہرستِ مضامین

سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخواھ جي علائقي اورڪزئي ۾ دھشتگردن خلاف ھڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 19 دھشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ۽ 11 فوجي جوانن جي شھادت جي تصديق ڪئي وئي آھي.

آءِ ايس پي آر موجب دھشتگردن خلاف آپريشن ۾ پاڪستاني فوج جي ھڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر سميت 11 فوجي جوان شھيد ٿي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر موجب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن 7 ۽ 8 آڪٽوبر جي وچ واري رات ڪيو ويو، آپريشن دوران انڊيا جا انسپانسرڊ دھستگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو، سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي ۾ 19 دھشتگرد مارجي ويا.

خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنھنجي ھڪ بيان ۾ اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 11 اھلڪارن جي شھادت تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي.

آءِ ايس پي آر موجب شھيد ليفٽيننٽ ڪنرل جنيد عارف دھشتگردن خلاف اورڪزئي ۾ اُن آپريشن جي قيادت ڪري رھيو ھو، سيڪنڊ ان ڪمان ميجر طيب راحت بہ انھيءَ آپريشن ۾ شھيد ٿيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ اورڪزئي جي علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي، پاڪستاني فورسز ڀارت جي حمايت يافتہ دھشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں