انڊونيشيا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي لاڳاپن جي تاريخ 75 سالن تي ٻڌل آهي، انڊونيشيا جي صدر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

انڊونيشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ سھڪار وڌائڻ بابت مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي ڏي وٺ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، انڊونيشيا جي صدر کي پاڪستان ۾ ڀليڪار ڪندي چيو تہ 7 سالن بعد انڊونيشيائي صدر پاران پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، ڳالھيون ھاڪاري ۽ تعميري رھيون، ملاقات دوران ميڊيڪل، هيلٿ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ۾ سھڪار بابت ڳالھيون ٿيون، گڏوگڏ واپار وڌائڻ بابت ڳالھيون ٿيون.

گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو تہ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جا لاڳاپا هر آزمائش ۾ پورا لٿا آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرن، ميڊيڪل پروفيسرن ۽ ماهرن کي انڊونيشيا موڪلڻ تي اتفاق ٿيو، انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو۔

وزيراعظم غزہ ۾ اسرائيل طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙين کي مذمت جوڳو قرار ڏنو

ان موقعي تي ڳالهائيندي انڊونيشيا جي صدر چيو تہ ھو پاڪستان ۾ شاندار ميزباني ۽ استقبال تي ٿورائتو آھي، پاڪستان جي ھوائي حدن اندر جي ايف 17 جهازن جي سلامي سندس لاءِ اعزاز آهي، مختلف شعبن ۾ سھڪار بابت معاهدن ۽ ايم او يوز جي ڏي وٺ ڪئي.

هن چيو تہ پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، صحت جي شعبي ۾ پاڪستان جي سھڪار جي آجيان ڪريون ٿا، تعليم، واپار، زراعت ۽

ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سھڪار کي وڌايو ويندو، غزہ جي معاملي تي اسان گڏيل موقف اختيار ڪيو آهي۔

ان کان اڳ وزيراعظم ھائوس ۾ انڊونيشيا جي صدر جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب ڪوٺائي وئي، جتي وزيراعظم معزز مھمان جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي ٻنھي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا.

ھٿياربندن فوج جي جٿي معزز مھمان کي گارڊ آف آنر بہ پيش ڪيو.

انڊونيشيا جي صدر وزيراعظم سان پنھنجي وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں