هيراري : انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان، اسڪاٽ لينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايوينٽ ۾ پھرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
هيراري ۾ کيڏل ميچ ۾ پهرين اسڪاٽ لينڊ بيٽنگ ڪئي، جيڪا 49هين اوور ۾ 187 رنز ٺاھي آئوٽ ٿي وئي.
اسڪاٽ لينڊ طرفان ڪيپٽن ٿامس نائٽ 37، فنلي جونز 33 ۽ اولي جونز 30 رنز ٺاھيون.
پاڪستاني فاسٽ بولر علي رضا 37 رنز عيوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏھن تہ مومن قمر 46 رنز عيوض 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو.
جواب ۾ گرين شرٽس 188 رنز جو هدف آسان طريقي سان 44هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.
پاڪستان انڊر 19 طرفان عثمان خان 75 ۽ احمد حسين 47 رنز ٺاهيندي ٽيم کي سوڀ ڏياري.
واضح رھي تہ انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ جي هٿان شڪست کائي چڪو هو………