پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ 2025 ۾ گڏيل عرب امارات کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پھچي ويو آھي، گروپ جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ميزبان ٽيم کي 70 رنس تان شڪست ڏئي.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي دبئي ۾ اڄ کيڏيل پنھنجي آخري گروپ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
گرين شرٽس مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنز ٺاھيون، پاڪستان پاران احمد حسين ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 91 بالن تي رنز ٺاھيون، جنھن ۾ چار چوڪا شامل ھئا.
پاڪستاني محتاط انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي، اوپنر سُمير منھاس ۽ عثمان خان وچ ۾ 40 رنز جي ڀائيواري بعد عثمان خان 21 رنز ٺاھي آئوٽ ٿي ويو، ان کانپوءِ علي حسن بلوچ بہ رڳو 2 رنز ٺاھي سگھيو.
شروعاتي وڪيٽون ڪرڻ بعد احمد حسنين پاڪستاني بيٽنگ لائن کي سھارو ڏنو، احمد حسين 65، سمير منھاس 44 ۽ حمز ظھور 42 رنز ٺاھي اڳڀرو رھيو، يو اي ايِ پاران يوگ شرما 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏھن تہ نسيم خان 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
پاڪستان جي 242 رنس جي ھدف ۾ يو اي ايِ ٽيم 37 ھين اوور ۾ 171 رنس تي ڍير ٿي وئي، ايان مصباح شاندار بيٽنگ ڪندي 77 ٺاھيون جن ۾ 12 چوڪا شامل ھئا، جڏھن تہ ھو 24 ھين اوور ۾ رن آئوٽ ٿي ويو .
پاڪستان پاران عبدالسبحان شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏھن تہ محمد صيام، مومن قمر ۽ احمد حسين ھڪ ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ياد رھي تہ پاڪستان جي فتح سان ئي انڊر 19 ايشيا ڪپ 2025 جي سڀئي سيمي فائنل ٽيمون طئي ٿي ويون آهن، جن ۾ پاڪستان کانسواءِ ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلا ديش شامل آهن، تنهن هوندي سيمي فائنل جي مقابلن جو اعلان اربع جي ڏينهن سريلنڪا ۽ بنگلا ديش جي گروپ ميچ کانپوءِ ڪيا ويندا…