ڀارت کي 191 رنس تان عبرتناڪ شڪست، پاڪستان ايشيا ڪپ انڊر 19 جو ٽائٽل کٽي ورتو

فہرستِ مضامین

دبئي: ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل( اي سي سي) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽائٽل کٽي ورتو.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾پاڪستان پاران ڏنل  348 رنس جي ھدف ۾ ڀارت جي بيٽنگ لائين بري طرح ناڪام ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 26 ھين اوور ۾ 156 رنس جي اسڪور تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان پاران علي 4، محمد صيام، عبدالسبحان ۽ حذيفہ احسن 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ميچ ۾ پاڪستان مقرر 50 اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 348 رنس ٺاھيون، پاڪستان پاران اوپنر سمير منھاس 172 رنس جي طوفاني اننگز کيڏي، احمد حسين 56 ۽ عثمان خان 35 رنس ٺاھي اڳڀرا رھيا

ڀارت پاران دپيش ديويندرن 3 رانديگرن، کلان پٽيل ۽ ھنيل پٽيل 2-2 وڪيٽون ورتيون، ڪانيشڪ چوھان ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، ان کان اڳ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ھو.

ياد رھي تہ پاڪستان جي انڊر 19 ٽيم 2 ڀيرا آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽي چڪي آھي، پر انڊر 19 ايشيا ڪپ پنھنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگھي ھئي، 2012 ۾ کيڏيل انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏيل طور تي چيمپيئن قرار ڏنو ويو ھو.

پاڪستاني ٽيم ھن ڀيري 13 سالن بعد ايشيا ڪپ ۾ پنھنجي تاريخ جو پھريون ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي.

صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شھباز شريف ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم ۽ پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آھي.

ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو تہ ڀارت خلاف فائنل ۾ شاندار فتح نوجوانن رانديگرن جي محنت ۽ عزم جو ثبوت آھي، انڊر 19 ٽيم جي ڪاميابي قوم لاءِ فخر ۽ خوشي جو سبب آھي.

صدر جو چوڻ ھو تہ نوجوان رانديگرن جي ڪاميابي ايندڙ عالمي مقابلن لاءِ اميد جي ڪرن آھي،پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ ڪوچنگ اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آھن.

پنھنجي بيان ۾ وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ پاڪستاني رانديگرن بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو، ڀارت کي فائنل ۾ شڪست ڏئي پاڪستاني رانديگرن تاريخ رقم ڪئي.

وزيراعظم چيو تہ پوري قوم کي پنھنجي ان نوجوانن رانديگرن تي فخر آھي، انڊر 19 ٽيم مستقبل ۾ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪندي.

شھباز شريف چيو تہ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي سميت ٽيم مئنجمنٽ کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.

چيئرمين پي سي بي محسن نقوي دبئي ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ايشيا ڪپ کٽڻ تي کين مبارڪباد ڏني۔

چيئرمين پي سي بي محسن نقوي سمير منھاس جي شاندار بيٽنگ جي واکاڻ ڪئي ۽ رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو۔

پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪوچ سرفراز احمد ۽ مينيجمينٽ اسٽاف کي بہ مبارڪباد ڏني۔

محسن نقوي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي حمايت لاءِ گرائونڊ ۾ آيل تماشائن سان پڻ ملاقات ڪئي۔ ڏسندڙن محسن نقوي کي انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني۔

ڏسندڙن جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي ۽ اسان جا دل کٽي ورتا آهن۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں