انتظار جون گھڙيون ختم، اڄ روايتي مخالف ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون مھاڏو اٽڪائينديون

فہرستِ مضامین

ڪولمبو: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو مقابلو اڄ کيڏيو ويندو، جتي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

روايتي حريفن جي ٽڪر جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آھي، ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 6:30 وڳي شروع ٿيندي۔

ڪولمبو ۾ اڄ بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ۾ مهارتن جو ڀرپور استعمال ٿيندو،  ڀارتي ٽيم وٽ بيٽنگ جو مضبوط هٿيار آهي، جڏھن تہ پاڪستاني شاهين بالنگ ذريعي وار ڪرڻ لاءِ تيار آهن۔

گرين شرٽس وڏي مقابلي کان اڳ فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي۔

هن هاءِ وولٽيج ميچ جو تماشائين کي شدت سان انتظار آهي ۽ ڪولمبو ۾ وڏي مقابلي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

جڏھن تہ پاڪ ڀارت ٽڪراءُ جي موقعي تي برسات جا امڪان بہ گھٽ ٿيڻ لڳا آھن، سريلنڪا جي موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ برسات جا امڪان گھٽ آھن …..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں