اميليه ڪير نيوزيلينڊ وومين ٽيم جي نئين ڪپتان مقرر، سوفي ڊيوائن جي جڳهه سنڀاليندي

فہرستِ مضامین

ويلنگٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) اسٽار آل رائونڊر اميليه ڪير کي سڀني فارميٽس لاءِ نيوزيلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم (وائٽ فرنز) جي نئين ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. هوءَ سوفي ڊيوائن جي جڳهه هي عهدو سنڀاليندي، جنهن 2025 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ون وي ۽ ٽي-20 جي ڪپتاني تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.

اميليه ڪير جي ڪپتان طور پهرين اسائنمينٽ هن مهيني جي آخر ۾ زمبابوي خلاف ھوم گرائونڊ تي رٿيل ون وي ۽ ٽي-20 سيريز هوندي.

مقرريءَ کانپوءِ اميليه چيو ته، ”ڪپتاني مون کي تبديل نه ڪندي، مان اها ئي انسان رهنديس. منهنجو مقصد پنهنجي ملڪ لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۽ رانديگرن جي حوصلي کي وڌائڻ آهي ته جيئن اسان هڪ بهترين ٽيم طور سامهون اچي سگهون.“

25 سالن جي اميليه ڪير 2016 کان هينئر تائين 84 ون وي ۽ 88 ٽي-20 ميچون کيڏي چڪي آهي. هن ون وي ۾ 2304 رنز ۽ 106 وڪيٽون جڏهن ته ٽي-20 ۾ 1453 رنز ۽ 95 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.

هوءَ پنهنجي گهرو ٽيم ’ويلنگٽن بليز‘ کي لاڳاتار ٻه ڀيرا سپر اسميش ٽائٽل به ڏياري چڪي آهي.

نيوزيلينڊ جي ڪوچ بين سائر اميليه جي قيادت واري صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته، ”اميليه ڪيترن ئي سالن کان ٽيم جو اهم حصو رهي آهي. اسان کي يقين آهي ته ڪپتانيءَ جي ذميواري کيس هڪ نئين سطح تي وٺي ويندي ۽ هوءَ 2029 تائين ٽيم ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ بهترين چونڊ آهي.“

سيريز جو شيڊول

زمبابوي خلاف سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ جو اعلان 20 فيبروري تي ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي-20 سيريز جو پهريون مقابلو 25 فيبروري تي هيملٽن ۾ کيڏيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں