اسلام آباد : صدر آصف علی زرداری افغان طالبان جي جارحيت جي جواب ۾ ھٿياربند فوج جي ردعمل کي جامع ۽ فيصلائتو قرار ڏئي ڇڏيو۔
صدر واضح لفظن ۾ چيو تہ پاڪستان امن ۽ علائقائي سلامتي تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪندو، امن کي ڪمزوري سمجهندڙ سخت جواب لاءِ تيار رھن، ڪو بہ دشمن اسان جي پهچ کان ٻاهر نہ هوندو۔
هن چيو تہ پاڪستان کي خبر آهي تہ منصوبابندي ڪندڙ ۽ سھولتڪار ڪٿي آھن، جيڪڏھن رتوڇاڻ جاري رھي تہ ذميوار عنصر بہ اسان جي پهچ کان ٻاهر نہ رھندا، قومي سلامتي تي ڪا بہ رعايت نہ ڏني ويندي ۽ پاڪستان دٻاءُ يا ڌمڪين سان پوئتي نہ ھٽندو ۔
صدر وڌيڪ چيو تہ پاڪستاني قوم ۽ فوجون وطن جي دفاع لاءِ لوھ جي ديوار وانگر بيٺل آهن، گذريل 5 سالن کان دهشتگردي جي ڪاررواين تي شديد ڳڻتي آهي ۽ سفارتي ڪوششن باوجود ھاڪاري اڳڀرائي نہ ٿي سگهي آهي۔
ياد رھي ته افغان طالبان رجيم جي بناجواز ڪارروائي جي جواب ۾ پاڪستان طرفان “آپريشن غضب للحق” شروع ڪيو ويو، جڏھن تہ فضائيه ۽ بري فوج جي حملن ۾ افغان طالبان جا 133 ويڙھاڪ مارجي ويا آھن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن۔….