اوسلو ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو امن جو نوبل انعام ماڻڻ وارو خواب ساڀيان نہ ٿي سگھيو، امن جو نوبل انعام وينزويلا جي اپوزيشن ليڊر ماريا ڪورينا ماچاڊو کي ڏنو ويو آھي.
نوبل امن انعام جي اعلان جي تقريب ناروي جي راڄڌاني اوسلو ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪميٽي ماريا ڪورينا ماچاڊو کي وينزويلا ۾ جمهوريت ۽ آزاد چونڊن کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي اعتراف ۾ اعزاز سان نوازيو ويو، جڏهن تہ ايوارڊ باضابطہ طور تي 10 ڊسمبر تي ڏنو ويندو.
نوبل امن ڪميٽي هن سال 338 نامزدگين تي غور ڪيو، جن ۾ صدر ٽرمپ به شامل هو، پر هو هن ڀيري بہ انعام نہ کٽي سگھيو. .
هي عالمي اعزاز امن، انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڏنو ويندو آهي، ۽ پنهنجي 124 سالن جي تاريخ سان ان انعام کي اڃا تائين اميد جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
سوئيڊن جي رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنس جي سربراھ جورجين واٽن فريڊنس نوبل انعام 2025 جو اعلان ڪندي چيو تہ امن جو نوبيل انعام وينزويلا ۾جمھوريت لاءِ جاکوڙيندڙ ماريا ڪورينا ماچاڊو کي ڏنو وڃي ٿو.
ناوريجن نوبل ڪميٽي مطابق ماريا ڪورينا ماچاڊو کي وينزويلا جي عوام جي جمھوري حقن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ جمھوريت جي منصفاڻي ۽ پرامن منتقلي واري جدوجھد کي ساراھيو ويو .
واضح رھي تہ امن جو نوبل انعام ان شخص کي ڏنو ويندو آھي، جيڪو ملڪن وچ ۾ دوستيون وڌائي، مستقل فوجون ختم يا گھٽ ڪرڻ ۽ امن جي قيام ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ بھترين ڪم ڪيو ھجي .
ماريا ڪورينا ماچاڊو ڪير آھي ؟
ماريا ڪورينا ماچاڊو وينزويلا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ آهي، ھو وينزويلا جي قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ رھي چڪي آھي پر ھن وقت صدر نڪولس مادورو جي حڪومت دوران نااهلي، جبر ۽ ڌمڪين سبب آگسٽ 2024 کان روپوش آهي،
نوبل انعام ڪميٽي ماريا ڪورينا ماچاڊو کي جمھوريت لاءِ اڻٿڪ ڪوششن، ڊڪٽيٽرشپ جي خاتمي ۽ اقتدار جي پرامن منتقلي لاءِ ڪيل سندس جدوجھد کي نظر ۾ رکندي نوبل انعام سان نوازيو، ماريا ڪورينا ماچاڊو لاطيني آمريڪا ۾ شهري جرئت جي سڀ کان غير معمولي مثالن مان هڪ آھي.
ماريا ڪورينا ماچاڊو روپوشي سبب اوسلو ۾ نوبل انعام واري تقريب شرڪت نہ ڪئي، کيس 2024 کان سندس زندگي کي خطري ھيٺ آھي، ماريا ڪورينا ماچاڊو وينزويلا جي ماڻهن لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي سرگرم رھي ٿي.
2024 ۾ صدارتي اليڪشن دوران ماريا ڪورينا ماچاڊو پرائمري اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي ھئي پر بعد ۾ کيس مادورو سرڪار کيس نااھل قرار ڏئي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو ھو .
صدر ٽرمپ کي ايوارڊ ڇو نہ مليو؟
رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنس پاران 338 نامزدگين تي غور ڪيو، جن ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ به شامل هو.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ 7 خطرناڪ جنگيون روڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي نوبل انعام ماڻڻ جي خواھش جو اظھار ڪري چڪو آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۽ پاڪستان، اسرائيل ۽ ايران، مصر ۽ ايٿوپيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان، ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ، ڪوسوو ۽ سربيا، ڪانگو ۽ روانڊا جي وچ ۾ جنگيون روڪرايو ۽ انھن کي سيزفائر تي مجبور ڪيو ھو .پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن صدر ٽرمپ کي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ روڪڻ تي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو..
آمريڪا جا 4 صدر ٿيوڊور روزويلٽ، ووڊرو ولسن، جِمي ڪارٽر ۽ بارڪ اوباما امن جو نوبل پرائز حاصل ڪري چڪا آهن.
امن جو نوبل انعام پھرين ڪڏھن ڏنو ويو ؟
پهريون نوبل امن انعام 1901 ۾ ڏنو ويو ۽ هر سال 10 ڊسمبر تي نوبل جي سالگرهه تي ناروي جي راڄڌاني اوسلو ۾ ڏنو ويندو آهي.
1901 کان 2025 تائين امن جو ھي نوبل انعام ڪيترين ئي عالمي شخصيتن کي ڏنو ويو آهي، جن ۾ نيلسن منڊيلا، مدر ٽريسا، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، ملالا يوسف زئي ۽ وانگاري ماٿائي شامل آهن.
نوبل انعام سوئيڊن جي ڪاروباري شخصيت الفريڊ نوبل جي ياد ۾ ڏنو ويندو آھي، جنھن ڊائناميٽ بارود ايجاد ڪيو ھو، الفريڊ نوبل پنھنجا سمورا اثاثا ھي انعام ڏيڻ لاءِ ھڪ فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا ھئا.