امن امان جي قيام لاءِ صوبائي حڪومت کي ڪوششون وڌيڪ وڌائڻيون پونديون، وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪي پي جي سھيل آفريدي وچ ۾ ملاقات ٿي آھي، جنھن ۾ سيڪيورٽي جي صروتحال تي خيالن جي ڏي وٺ سميت اھم معاملن تي ڳالھيون ٿيون آھن.

ملاقات ۾ وزيراعظم خيبر پختونخوا جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ سھڪار جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو تہ صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ وفاق ۽ صوبائي حڪومت جو گڏيل سھڪار انتهائي ضروري آهي.

وزيراعظم چيو تہ امن امان جي بهتري لاءِ صوبائي حڪومت کي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي ادارن کي مضبوط بڻايو وڃي.

شهباز شريف چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکنديون، خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي قيام ۽ عوامي ڀلائي لاءِ صوبائي حڪومت کي پنهنجي آئيني ذميواريون نڀائڻ گهرجن.

وزيراعظم چيو تہ صوبائي حڪومت بااختيار آهي، تنهنڪري صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ خيبرپختونخوا جي عوام لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، وفاقي حڪومت هميشه کان خيبر پختونخوا جي عوام جي بهتري لاءِ ڪوشان رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته خيبر پختونخوا وفاق لاءِ اھم صوبو آھي ۽ صوبي جي عوام جي خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجي دائري اختيار اندر رهندي ڀرپور ڪوششون جاري رکندي، قومي ترقي ۽ عوامي خدمت لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجها لاڳاپا ۽ اثرائتا رابطا انتهائي ضروري آهن.

وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ ترقياتي منصوبن، بنيادي ڍانچي جي بهتري، تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ وفاقي سطح تي هر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ هڪجهڙي ترقي جي ويزن تي عمل ڪري رھي آھي، گڏيل مشاورت ۽ گڏيل ڪوششن سان قومي يڪجهتي، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير سھيل آفريدي کي ملاقات جي دعوت ڏني ھئي، جنهن دوران خيبر پختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وڏي وزير دهشتگردي بابت پنهنجا خدشا وزيراعظم آڏو رکيا.

ملاقات ۾ وفاق پاران رقم جي ادائيگي بابت بہ ڳالھيون ٿيون، جڏهن ته 8 فيبروري جي امڪاني احتجاج، وادي تيراه ۾ آپريشن ۽ مقامي ماڻهن جي لڏپلاڻ بابت به خيال ونڊيا ويا…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں