اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن پاڪستان اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آھي، مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 15 فيبروري 2026 تي ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شييڊول جاري ڪري ڇڏيو آھي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تہ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو مرحلو 22 کان 27 ڊسمبر تائين جاري رھندو
نوٽيفڪيشن موجب اميدوارن جا نالا 29 ڊسمبر تي شائع ڪيا ويندا، جڏھن تہ نامزدگي ڪاغذن جي اسڪرونٽي 30 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون 5 کان 8 جنوري تائين داخل ڪري سگھبيون ۽ درخواستن تي فيصلا 9 کان 13 جنوري وچ ۾ ٻڌايا ويندا
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تہ نظرثاني شدہ فھرست 14 جنوري تي جاري رھندي، نامزدگي ڪاغذ 15 جنوري تائين واپس وٺي سگھبا ۽ چونڊ نشان 16 جنوري تي جاري ڪيا ويندا……