اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن وفاقي گادي واري شهر ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول واپس وٺي ڇڏيو آهي۔
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت 10 جنوري تي اسلام آباد لاءِ مڪاني حڪومت ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن تحت شهر ۾ مقامي حڪومت جو ڍانچو تبديل ڪيو ويو آهي۔
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقامي حڪومتن جي چونڊن جو موڊ پڻ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو پروگرام واپس وٺي رھيو آهي۔
ياد رھي ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 15 فيبروري تي بلدياتي چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪيو هو۔..