ڪراچي(رپورٽ: شبير لاشاري ) اقبال ڏيٿو جي برطرفي بعد سنڌ ھيومين رائٽيس ڪميشن جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي اڃا تائين مقرر ناھي ٿي سگھي.
سنڌ حڪومت 8 سيپٽمبر تي ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي اقبال ڏيٿو کي سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمينشپ تان ھٽايو ويو ھو، سنڌ ڪابينا گذريل مھيني 7 آگسٽ تي ٿيل اجلاس ۾ اقبال ڏيٿو کي عھدي تان ھٽائڻ جي منظوري ڏني ھئي.
ٻن ھفتن کان وڌيڪ جو وقت گذرڻ باوجود سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري ناھي ٿي سگھي، ھن وقت ڪميشن جا معاملا انساني حقن واري کاتي جو سيڪريٽري ڏسي رھيو آھي. سنڌ ھيومين رائٽس ڪميشن ستن ميمبرن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ ھاءِ ڪورٽ جو ريٽائرڊ جج، 2 ايم پي اي ۽ انساني حقن جا ڪارڪن شامل آھن.
ڊبليو ٽي اين نيوز پاران رابطي ڪرڻ تي ڪميشن جي ميمبر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان سک ديو ھيمناڻي ٻڌايو تہ ڪميشن جا معاملا ھن وقت انساني حقن واري کاتي جو صوبائي سيڪريٽري ڏسي رھيو آھي ڇاڪاڻ تہ اھو ئي ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آھي.
نئين چيئرمين جي مقرري بابت سوال جي جواب ۾ سک ديو جو چوڻ ھو تہ وڏي وزير کي اھو اختيار حاصل آھي تہ اھو ڪميشن جو مدو پورو ٿيڻ تائين ميمبرن مان ڪنھن ھڪ کي چيئرمين مقرر ڪري.
اقبال ڏيٿو تي الزام ۽ انڪوائري جا تفصيل
اقبال ڏيٿو خلاف ھراسمينٽ، بدعنواني، غير قانوني فائدن، مالي بي ضابطگين، غير قانوني مقررين ۽ فنڊز ۾ گھوٻين جي الزامن تحت درخواستون داخل ڪرايون ويون ھيون.
انھن الزامن جي انڪوائري جو حڪم چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ڏنو ھو، جنھن بعد لاڳاپيل دستاويزن ۽ شاھدن جو ٻيھر جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪميٽي جوڙي وئي ھئي، ان کان علاوہ ڪابينا جي ھڪ خصوصي ذيلي ڪميٽي پڻ نتيجن جو جائزو ورتو ھو.
ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي ۾ قانون وارو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ايڪسائيز وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ وڏي وزير جو انساني حقن بابت خاص معاون شامل ھئا، جن پنھنجيون سفارشون پيش ڪرڻ کان اڳ شڪايت ڪندڙن ۽ اقبال ڏيٿو کي ڏسڻ لاءِ ٻڌڻي پڻ ڪئي ھئي.
ڪابينا جي ڪميٽي نتيجن جي توثيق ڪئي ۽ اقبال ڏيٿو خلاف جيڪڏھن ضروري ٿيو تہ قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني ھئي، 8 سيپٽمبر سومر ڏھاڙي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريٽن اينڊ ڪو آرڊينيشن ڊپارٽمينٽ جي مشوري سان انساني حقن واري کاتي اقبال ڏيٿو کي ھٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ھو.
اقبال ڏيٿو خلاف درخواستگذارن ڪھڙو موقف اختيار ڪيو؟
ڪيس جي ھڪ درخواستگذار شيرين اسد ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ ھو اقبال ڏيٿو خلاف 5 ماڻھن شڪايت داخل ڪئي ھئي، جن ۾ ھوءَ پاڻ، ڊاڪٽر عائشہ ڌاريجو، انيس ھارون، مھناز رحمان ۽ ڊاڪٽر رياض شيخ شامل ھئا، جن ھراسمينٽ ۽ ڪرپشن جون درخواستون ڏنيون ھيون.
شيرين اسد موجب قانون تحت اقبال ڏيٿو جو مامرو انساني حقن واري ڪميشن جي دائري ۾ اچي پيو، ان ڪري ڪميشن کي بہ درخواست ڏني ھئي، جن اھا درخواست چيف سيڪريٽري ڏانھن موڪلي، جنھن کانپوءِ انڪوائري ٿي.
ھن ٻڌايو تہ انڪوائري ۾ اقبال ڏيٿو ڏوھي ثابت ٿيو، سي ايم آءِ ٽي ٿي، وڏي وزير بہ مامري جو نوٽيس ورتو پر اقبال ڏيٿو پنھنجي رابطن ذريعي مامري کي اينگھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر آخرڪار کيس عھدي تان ھٽايو ويو.
شيرين اسد چيو تہ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجا جا ٿورائتا آھيون، ان کان علاوہ پيپلزپارٽي جي قيادت جا بہ ٿورائتا آھيون، جن ھڪ ايم پي اي کي ٽاسڪ ڏنو ۽ ان رپورٽ ٺاھي پارٽي جي قيادت کي پيش ڪئي.
شيرين اسد موجب اقبال ڏيٿو کي ڏوھ ثابت ٿيڻ کانپوءِ ھڪ نہ 10 ڀيرا موقعو ڏنو ويو تہ استعيفيٰ ڏئي، جيئن سندس ڪيريئر ختم نہ ٿئي پر ھن استعيفيٰ نہ ڏني، آخرڪار ڪابينا انڪوائري ڪرائي ۽ اقبال ڏيٿو کي ھٽايو ويو.
اقبال ڏيٿو ڌمڪائيندو رھيو ۽ جنسي طور ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي؟
ھڪ ٻي درخواستگذار سوشل ايڪٽوسٽ ڊاڪٽر عائشہ احسن ڌاريجو چيو تہ ھوءَ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندي آھي ۽ انساني حقن واري ڪميشن جي ميمبر پڻ آھي، ھن ٻڌايو تہ اقبال ڏيٿو کيس مسلسل ڌمڪائيندو رھيو آھي.
ڊاڪٽر عائشہ ڌاريجو موجب اقبال ڏيٿو ڌمڪي ڏني ھئي تہ اوھان پنھنجي تحريڪ رڳو سکر ضلعي تائين محدود رکو، اوھان ماتلي، عمرڪوٽ يا ننگرپارڪر مان کيس ڇو ٿا کڻو، جنھن تي کيس جواب ڏنو تہ منھنجي تنظيم رجسٽرڊ آھي ۽ آئون سنڌ سميت سموري پاڪستان ۾ ڪٿي بہ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاري سگھان ٿي.
ڊاڪٽر عائشہ موجب ھڪ ڀيرو انساني حقن واري ڪميشن جي اجلاس ۾ اقبال ڏيٿو ساڻس بدتميزي ڪئي وئي، جنھن جا گواھ ڪميشن جا ميمبر آھن، ھن الزام ھنيو تہ 6 نومبر تي اقبال ڏيٿو کيس ڪال ڪري ھراسمينٽ ڪئي ۽ چيو تہ سدائين مڙس سان گڏ آفيس اچو ٿا، اڪيلي آفيس اچو تہ ملاقات ڪيون ۽ ڳالھايون.
سوشل ايڪٽوسٽ عائشہ ڌاريجو موجب سندس انڪار تي اقبال ڏيٿو گھڻي بدتميزي ڪئي ۽ چيو تہ سوشل ميڊيا تي منھنجي حق ۾ تعريفي پوسٽون نٿا رکو، اوھان انيس ھارون ۽ اڳوڻي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ ماجدہ رضوي جي حمايت ڪندا آھيو، ھاڻي اوھان کي ڏسي رھندس.
عائشہ ڌاريجو ڊبليو ٽي اين کي وڌيڪ ٻڌايو تہ اقبال ڏيٿو خلاف ڪميشن، سي ايم ھائوس ۽ آءِ جي سنڌ کي درخواستون ڏنيون، کين سڀئي دستاويز لکت ۾ ڏنا، ايتري تائين جو اقبال ڏيٿو خلاف پنھنجي ئي اداري جي بورڊ ميمبرز لکت ۾ سي ايم آءِ ٽي کي شڪايت ڪئي تہ ھن شخص بورڊ ميٽنگس ناھن گھرايون،ڪوڙا ميٽنگ منٽس ٺاھي بجيٽ منظور ڪرائي ھئي.
ڊاڪٽر عائشہ ڌاريجو اھو بہ الزام لڳايو تہ اقبال ڏيٿو جي مقرري دوران ڪميشن کي جيڪي تحفا مليا، اھي پاڻ وٽ رکندو ھو، ھن پيپلزپارٽي جو ٿورو مڃيندي چيو تہ پيپلزپارٽي جي موجودہ سنڌ حڪومت شھيد بينظيروانگر اسٽينڊ وٺندي اقبال ڏيٿو کي ھٽايو.
ڊبليو ٽي اين پاران سمورن الزامن تي موقف وٺڻ لاءِ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اقبال ڏيٿو سان رابطو ڪيو ويو، جنھن طبيعت خراب ھئڻ جو چئي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو.