افغان گهرو وزير پاران پاڪستان سان مفاهمت جو اشارو

فہرستِ مضامین

پاڪستان لاءِ مفاهمتي پيغام طور طالبان جي عبوري حڪومت جي گهرو وزير سراج الدين حقاني چيو آهي سندن ملڪ ڪنهن بہ رياست لاءِ خطرو ناهي ۽ هو غلط فهمين جي ازالي لاءِ تيار آهن۔

ڪابل پوليس اڪيڊمي جي گريجويشن تقريب سان خطاب ڪندي سراج الدين حقاني اعلان ڪيو تہ ڳالهين جا دروازا کليل آهن۔

هن چيو تہ سندن حڪومت دوحہ معاهدي تحت ڪيل واعدن تي عمل جاري رکي ٿي ۽ افغانستان جي سرزمين ڪنهن بہ ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي۔

تنهن هوندي بہ ماضي جي واعدن ۽ دوحہ معاهدي ۾ ڪيل خارين باوجود پاڪستان ۾ سرحد پار کان عسڪريت پسندن جا حملا اڄ تائين بہ جاري آھن ۔

سراج الدين حقاني چيو تہ افغانستان ڪنهن بہ ملڪ يا خطي لاءِ خطرو ناهي ۽ طالبان قيادت جون عالمي برادري سان بي اعتمادي ۽ غلط فهمين جي خاتمي لاءِ مناسب ۽ پائيدارحل ڳولڻ جون ڪوششون جاري آھن، موجودہ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جا دروازا بند ناهن۔

سراج الدين حقاني پاڪستان جو نالو نہ ورتو، تنهن هوندي بہ هن جو اشارو ظاهر طور تي پاڪستان جي ان مطالبي ڏانهن هو جنهن ۾ ڪابل مان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کي قابو ۾ رکڻ لاءِ چيو ويندو رھيو آهي۔

ٻنھي پاڙيسري ملڪن جا لاڳاپا چڪرين کانپوءِ ڇڪتاڻ وارا آھن، جنھن جي نتيجي ۾ 11 آڪٽوبر 2025 کان ٻنھي ملڪن جون سرحدون بند آھن.

ترڪيہ ۽ گڏيل عرب امارات پاران ڌرين وچ ۾ مفاهمت ڪرائڻ جون ڪوششون پڻ ناڪام رھيون، جڏھن تہ پاڪستان جو الزام آهي تہ افغانستان ٽي ٽي پي کي قابو ۾ رکڻ لاءِ لکت واري خاطري ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جن جا وڙھاڪ 2600 ڪلوميٽر ڊگهي غير محفوظ سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخلا ڪري حملا ڪندا رھيا آهن۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں