افغان ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارينداسين ۽ پوءِ کين ملڪ بدر ڪنداسين: مراد علي شاھ

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تہ افغان ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارينداسين ۽ پوءِ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ بدقسمتي سان ڪجھ ماڻھو ھر ڳالھ کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪن ٿا، جيڪڏھن پوليو وئڪسين ۾ ڪو مسئلو ھجي ھا تہ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو پنھنجي نياڻي آصفہ  کي وئڪسين نہ لڳرائي ھا، مذھبي عالمن ۽ سياسي سماجي ڌرين کي درخواست آھي تہ پوليو مھم ۾ ڪردار ادا ڪن.

هن چيو ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾سيل قائم ڪيو ويو آهي، جتي سموري ڊيٽا رڪارڊ ڪئي ويندي ۽ پوءِ انهن والدين سان رابطو ڪيو ويندو، ڪوشش ڪئي ويندي ته والدين کي آگاھ ڪيو وڃي ۽ پوليو جي ڦڙن جي اهميت سمجھائي وڃي.

وڏي وزير چيو تہ پوليو وائرس هاڻي رڳو ٻن ملڪن ۾ موجود آهي، اسان لاءِ شرمندگي جي ڳالهه آهي ته اسان اڃا تائين پوليو وائرس کي شڪست نه ڏئي سگهيا آهيون، افسوس اٿم تہ هن سال صوبي ۾ 9 نوان پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پوليو مھم سھراب ڳوٺ ۾ بہ جاري رھندي، افغان ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارينداسين ۽ پوءِ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو.

هن چيو ته افغانستان بارڊر تي حملو ڪيو، جنهن جو مناسب جواب ڏنو ويو آهي، سڀ سياسي پارٽيون پنهنجي فوج جي حمايت ڪن ٿيون، اسان جي سرحدن تي خطرا آهن، پر پوليو مهم کي روڪي نه سگهنداسين، هي به هڪ جنگ آهي جيڪا اسان وڙهي رهيا آهيون، اسان کي انهن ٻارن کي هن مرض کان بچائڻو آهي.

ڪنھن ٻَي صوبي بابت نہ ڳالھائينداسين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کان جڏھن خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير جي تبديلي بابت صحافي سوال ڪيو تہ ان جي جواب ۾ مراد علي شاھ چيو تہ اسان پڪو پھ ڪيو آھي تہ ھاڻ ڪنھن ٻئي صوبي تي نہ ڳالھائينداسين.

ھن چيو تہ خيبرپختونخواھ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي، اِھو صوبائي سبجيڪٽ آھي، ڇا اُن جي ڳالھائڻ سان ڪو فرق پوندو؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں