افغان طالبان پاران دهشتگردن جي سرپرستي قبول ناھي، پاڪستان حتمي موقف پيش ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

استنبول ۾ ٿيل ڳالھين ۾ پاڪستاني وفد افغان طالبان وفد کي حتمي موقف پيش ڪري ڇڏيو آھي

سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان واضح ڪيو آھي تہ افغان طالبان کان ٿيندڙ دھشتگردن جي سرپرستي منظور ناھي

سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستاني وفد چيو تہ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  پختا ۽ يقيني قدم کڻڻا پوندا

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تہ طالبان جا دليل زميني حقيقتن جي ابتڙ آھن

سيڪيورٽي ذريعن موجب نظر اچي رھيو آهي تہ افغان طالبان ڪنهن ٻي ايجنڊا تي هلن پيا، اھا ايجنڊا افغانستان، پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام جي مفاد ۾ ناهي۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڳالهين ۾ وڌيڪ اڳڀرائي افغان طالبان جي ھاڪاري روَيي تي ٻڌل آھي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں