اسلام آباد ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آھي تہ اسان وٽ پڪا ثبوت آھن تہ غير قانوني طور ترسيل افغان شھري ۽ ڀارتي فوج جا آفيسر پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آھن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جرمني جي رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو تہ افغان مھاجرن کي پناھ ڏيڻ جو بنيادي ڪارڻ غير ملڪي مداخلت ۽ گھرو ويڙھ ھئي، اھي ڪارڻ اڃا تائين موجود نہ آھن، پاڪستان 40 سالن تائين لکين افغان مھاجرن جي ميزباني ڪئي، افغان مھاجرن جي باعزت واپسي لاءِ منظم قدم کنيا ويا آھن.
ھن چيو تہ پاڪستان انساني بنيادن تي افغان مھاجرن جي واپسي جي ڊيڊلائن ۾ ڪيترائي بار واڌ ڪئي، اسان وٽ پڪا ثبوت موجود آھن تہ غير قانوني طور ترسيل افغان شھري دھشتگردي ۽ سنگين ڏوھن ۾ ملوث آھن.
ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ دھشتگرد ڪارروايون
پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ ڀارت اندر وڌندڙ تشدد جا واقعا ڀارتي حڪومت جي وڌندڙ انتھا پسند پاليسين جو نتيجو آھي، ڀارت پنھنجي اندروني مسئلن کي ٻاھرين ۽ ٻاھرين مسئلن کي اندروني مسئلا ٺاھي پيش ڪندو آھي.
ھن چيو تہ ڀارت پاڪستان اندر دھشتگردي ڪرائي رھيو آھي، ان جا ثبوت گڏيل قومن آڏو ڪيترائي ڀيرا پيش ڪري چڪا آھيون. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو تہ عالمي برادري کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، ڀارتي رياستي ادارا آرمي سميت شدت پسند سياسي نظريات جي اثر ھيٺ آھن.
مارجي ويل دھشتگرد گم ٿيل ماڻھن جي لسٽ ۾ شامل ھئا
ھڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ آمريڪا بندش پيل تنظيم مجيد برگيڊ کي عالمي دھشتگرد تنظيم قرار ڏنو ، بلوچستان ۾ فتنہ الھندستان جا مارجي ويل ڪيترائي دھشتگرد مسنگ پرسنز جي لسٽ ۾ موجود ھئا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي رياست بنا ڪنهن فرق جي سڀني غير رياستي عنصرن کي رد ڪري ٿي، پاڪستان ۾ هٿياربند ٽولي لاءِ جاءِ نہ آھي، رياست کان سواءِ ڪنهن به گروپ يا شخص کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو اختيار ناهي.
هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوج جي واپسي کان پوءِ افغانستان ۾ بچيل آمريڪي هٿيار دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رھيا آهن، آمريڪا بہ انهن هٿيارن جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ استعمال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو تہ معرڪہ حق دوران آمريڪي صدر ٽرمپ جو اسٽريٽجڪ اڳواڻ طور ڪردار سامهون آيو، پاڪستان جا پنهنجي برادر ملڪ چين سان به تعميري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن.