اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پروف آف رجسٽريشن (پي او آر ) ڪارڊ رکندڙ افغان شھرين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ ۾ باقي 26 ڏينھن بچيا آھن، پاڪستان پاران افغان شھرين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ پھرين سيپٽمبر جي حتمي ڊيڊلائين ڏني وئي آھي.
وفاقي سرڪار پاران اعلان ڪيو ويو آھي تھ ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل ماڻھن ۽ پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان شھرين کي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس وڃڻو پوندو.
ان سلسلي ۾ اختيارين پاران واضح ڪيو ويو آھي تھ ملڪ مان نڪرڻ واري عمل دوران ڪنھن سان بھ بدسلوڪي نھ ڪئي ويندي ۽ واپس ويندڙن لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي سھولتن جا بھ انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن.
ان فيصلي جو مقصد ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل ماڻھن جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ قانوني طور رھائش کي يقيني بڻائڻ آھي.

اختيارين پاران واڳيل ماڻھن کي اپيل ڪئي وئي آھي تھ ھو مقرر وقت جي اندر اندر پنھنجي واپسي جا انتظام مڪمل ڪن تھ جيئن ڪنھن بھ اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگھجي.
وفاقي گھرو وزارت پاران پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان شھرين جي وطن واپسيءَ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تھ پي او آر ڪارڊ وارن افغان شھرين جي واپسيءَ جو عمل پھرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.
فيصلو سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيو ويو
اختيارين موجب افغانين ۽ غير قانوني طور ترسيل ٻين پرڏيھين جي واپسيءَ جو فيصلو سيڪيورٽي خدشن ۽ ملڪي وسيلن تي وڌندڙ دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
افغان سٽيزن ڪارڊز رکندڙ ماڻھن جي واپسي جو عمل آءِ ايف آر پي جي اڳواٽ جاري ڪيل فيصلي مطابق برقرار رکيو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب افغان پناھگيرن جي واپسي واري عمل ۾ پرڏيھي وزارت، بين الاقوامي ادارن جيئن افغان عبوري حڪومت، گڏيل قومن جي پناھگيرن بابت اداري (يو اين ايڇ سي آر) ۽ ٻين سان سھڪار ڪندي.
ڪشمير جي معاملن واري وزارت، گلگت بلتستان ۽ سيفران پي او آر ھولڊرز جي ڊيٽا صوبائي ۽ ضلعي ڪميٽين کي فراھم ڪندي.نادرا، ٽرانزٽ ايرياز ۽ بارڊر ٽرمينلز تي واپس ويندڙن جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ جا انتظام ڪندي.
صوبائي حڪومتون معلومات فراھم ڪنديون
نوٽيفڪيشن موجب ايف آءِ اي نامز ڪيل بارڊر جي ڪراسنگ پوائنٽس تي وطن واپسيءَ جي عمل ۾ سھولت فراھم ڪندي، سمورين صوبائي حڪومتن ۽ واڳيل ادارن کي چيو ويو آھي تھ اھي پي او آر ڪارڊ رکندڙن جي مڪمل ميپنگ ڪن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تھ وطن واپسي لاءِ صوبائي ايڪشن پلان جوڙي گھرو وزارت سان شيئر ڪيو وڃي ۽ جلاوطن ٿيندڙ ماڻھن لاءِ ٽرانزٽ ايرياز جو تعين، سرگرمين ۽ مالي سھڪار جو بندوبست ڪيو وڃي.

نوٽيڪيشن موجب غيرقانوني پرڏيھين کي نيڪالي جي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ ضلعي ۽ صوبائي سطح تي ڪميٽيون جوڙڻ کانسواءِ ڪنٽرول رومز کي ٻيھر فعال بھ ڪيو ويندو.
شڪايتن جي ازالي لاءِ ھاٽ لائين ۽ شڪايتي سيل قائم ڪيو ويندو، وطن واپسي جي روزاني اڳڀرائي جي نگراني فارين نيشنل سيڪيورٽي ڊيش بورڊ (ايف اين ايس ڊي) ڪندو.
سمورين واڳيل ڌرين کي درخواست ڪئي وئي آھي تھ ھو پنھنجن فوڪل پرسنز جا تازھ ترين تفصيل گھرو وزارت سان فوري طور شيئر ڪن، گھرو وزارت رابطا ڪاري لاءِ سيڪشن آفيسر سيڪيورٽي کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آھي.