راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي تہ آمريڪي فوج نڪرڻ دوران 7.2 بلين ڊالرن جو آمريڪي فوجي سامان افغانستان ۾ ڇڏيو، افغان رجيم نہ رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۽ دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪي آھي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر سينيئر صحافين سان ملڪي سلامتي جي معاملن بابت تفصيلي ڳالهہ ٻولهہ ڪندي ٻڌايو تہ 4 نومبر 2025 کان اڄ تائين دهشتگردي خلاف 4910 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا، آپريشنز دوران 206 دهشتگرد مارجي ويا، هن سال پاڪستان ۾ مجموعي طور 67023 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا.
ھن چيو تہ هن سال خيبر پختونخوا صوبي ۾ 12857 ۽ بلوچستان ۾ صوبي 53309 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا، ھن سال مجموعي طور تي 1873 دھشتگردن کي ماريو ويو، جن ۾ 136 افغاني بہ شامل آھن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ بارڊر مينيجمينٽ بابت سيڪيورٽي ادارن خلاف گمراهہ ڪندڙ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، پاڪ–افغان سرحد انتھائي ڏکين جبلن ۽ رستن تي ٻڌل آھي، ڪي پي ۾ پاڪ افغان سرحد 1229 ڪلو ميٽر ڊگھو آھي، جنھن ۾ 20 ڪراسنگ پوائنٽس آھن، پاڪ افغان سرحد تي پوسٽن جو فاصلو 20 کان 25 ڪلو ميٽر تائين آھي.
ھن وڌيڪ چيو تہ دنيا ۾ بارڊر مينيجمينٽ هميشہ ٻہ ملڪ گڏجي ڪندا آهن، پر ان جي ابتڙ افغانستان ۾ افغان طالبان دھشتگردن کي روڪڻ بدران انھن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سھولتڪاري ڪن ٿا .
جيڪڏھن افغان سرحد سان لاڳاپيل علائقن کي ڏٺو وڃي تہ اُتي مشڪل سان اثرائتو انتظامي ڍانچو نظر ايندو، جيڪو گورننس جي مسئلن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو، ان سرحدي علائقن ۾ انتھائي مضبوط پولٽيڪل ٽيرر ڪرائم ڳٺ جوڙ آھي جنھن جي سھولتڪاري فتنہ الخوارج ڪن ٿا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ افغانستان سان ٿيل دوحہ معاهدي بابت پاڪستان جو موقف مڪمل طور تي واضح آهي، پاڪستان جو موقف آهي تہ افغان طالبان رجيم دهشتگردن جي سهولتڪاري بند ڪري، افغانستان ۾ دهشتگردي جا مرڪز موجود آهن ۽ القاعدہ، داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي قيادت بہ اتي موجود آهي.
هن چيو تہ اتان دھشتگرد تنظيمن کي ھٿيار ۽ فنڊنگ پڻ ملي ٿي جيڪا پاڪستان خلاف استعمال ڪئي وڃي ٿي، اسان انھن آڏو سمورا ثبوت رکيا آھن جن کي ھو نظرانداز نٿا ڪري سگھن، پاڪستان جو افغان طالبان جي رجيم کان مطالبو آهي تہ هو ھڪ تصديق ٿيل ميڪينزم تحت معاهدو ڪن. جيڪڏھن ميڪينزم ڪنهن ٿرڊ پارٽي وٽ هوندو تہ بہ پاڪستان کي ان تي اعتراض نہ هوندو۔
ھن چيو تہ پاڪستان ھن موقف بابت ٽياڪڙي ڪندڙن کي بہ اگاھ ڪيو آھي، فتنہ الخوارج جي باري ۾ طالبان رجيم جي دعويٰ آھي تہ ھو پاڪستاني آھن، ھجرت ڪري آيا آھن ۽ اسان جا مھمان آھن، جيڪڏھن ھو پاڪستاني شھري آھن تہ اسان جي حوالي ڪيو اسان پاڻ انھن کي قانون موجب ڊيل ڪنداسين، ھي ڪھڙا مھمان آھن جيڪي ھٿياربند ٿي پاڪستان اچن ٿا؟
ھن چيو تہ ھڪ رپورٽ موجب آمريڪي فوج نڪرڻ دوران 7.2 بلين ڊالرز جا ھٿيار افغانستان ۾ ڇڏيا جيڪي افغان رجيم نہ رڳو پاڪستان پر خطي ۽ دنيا لاءِ خطرو آھن
پاڪستان جو مطالبو واضح آهي تہ افغان طالبان جو رويو هڪ رياست جيان هئڻ گهرجي، دوحہ ڳالھين دوران افغان طالبان عالمي برادري سان واعدو ڪيو تہ هو پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نہ ٿيڻ ڏيندا، پر هن وقت تائين ان تي عمل نہ ٿيو آهي۔
ھن چيو تہ اسان جو افغاني عوام سان ڪو مسئلو ناهي، اسان جو مسئلو افغان طالبان جي رجيم سان آهي، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپار جي بندش جو معاملو اسان جي سيڪيورٽي ۽ پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي۔
ھن چيو تہ رتوڇاڻ ۽ واپار گڏ نٿا هلي سگهن، ڀارتي آرمي چيف جو هي بيان تہ اسان آپريشن سندور دوران هڪ ٽريلر ڏيکاريو آھي، اھڙو بيان خود فريبي واري سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، جنھن ٽريلر ۾ 7 جھاز تباھ ٿين، 26ھنڌن تي حملا ٿين ۽ ايس 400 جون بيٽريون تباھ ٿي وڃن تہ اھڙي ٽريلر تي ٻڌل فلم انھن لاءِ خوفناڪ فلم ٿي ويندي، سندور ۾ شڪست تي ڪوڙا ھندستاني بيان عوامي ڪاوڙ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ آھن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ ٻاهرين ملڪن مان هلندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڪستان خلاف بيانئو ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، بلڪل واضح آهي تہ جيڪو سوشل ميڊيا پاڪستان ۾ هلي رھيو آهي، حقيقت ۾ ان جي پويان بہ پرڏيھي هٿ آهن۔
ھن چيو تہ دهشتگردي بابت سڀني حڪومتن ۽ سياسي پارٽين جو اتفاق آهي تہ ان جو حل نيشنل ايڪشن پلان ۾ موجود آهي، هن پلان تي عملدرآمد لاءِ بلوچستان ۾ هڪ نظام قائم ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ خيبر پختونخوا ۾ اهڙي نظام جي کوٽ نظر اچي ٿي۔
هن نظام تحت ضلعي، ڊويزنل ۽ صوبائي سطح تي اسٽيئرنگ، مانيٽرنگ ڪميٽيون ٺاهي ويون آهن، ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ غيرقانوني اسپيڪٽرم جي وڏي سببن مان هڪ آهي ۽ هن مد مان حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي۔
ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ تي آرمي، ايف سي ۽ صوبائي حڪومت جي ڪريڪ ڊائون کان پهريان روزانو جي بنياد تي 20.5 ملين ليٽر ڊيزل جي اسمگلنگ ٿيندي هئي، ڪريڪ ڊائون کانپوءِ اها مقدار گهٽجي هاڻي روزانو 2.7 ملين ليٽر تائين اچي پهتي آهي، اسمگل ٿيندڙ ڊيزل مان حاصل ٿيندڙ رقم بي ايل اي ۽ بي واءِ سي ڏانھن وڃي ٿي.
نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي نتيجي ۾ بلوچستان جي 27 ضلعن کي پوليس جي دائري اختيار ۾ آندو ويو آھي، جيڪو بلوچستان جو 86 سيڪڙو حصو آھي، بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مقامي ماڻھن سان مسلسل رابطي ۾ آهن، جن جا ھاڪاري اڪثر آھن، اھڙن سرڪاري قدمن کانسواءِ دھشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناھي…..