افغانستان ۾ زلزلي سبب 622ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا، جڏھن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آھن، افغانستان جي صوبي ننگرھار ۽ ڪنڙ ۾ 6 ڏهائي ٻڙي جي شدت سان آيل زلزلي وڏي پئماني تي تباهي مچائي.
افغان اختيارين موجب زلزلي سبب ڪيترائي گھر ۽ عمارتون مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون، آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز ننگرھار صوبي جو شھر جلال آباد ھو، جنھن جي شدت 6.6 رڪارڊ ڪئي وئي.
رپوٽس موجب افغانستان ۾ زلزلو رات جو 11 لڳي 47 منٽن تي آيو، افغانستان جي عبوري حڪومت زلزلي سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاھر ڪندي عالمي امدادي ٽيمن کي مدد جي اپيل ڪئي آھي. افغان حڪومت جو چوڻ آھي ته آفٽر شاڪس ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ به تباھه ٿي ويا آھن ۽ ھاڻي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رڳو ھوائي آپريشن ئي ممڪن آھي.
زلزلي سبب متاثرن جي بحالي وارو آپريشن متاثر
افغان عبوري حڪومت جو چوڻ آھي ته لينڊ سلائيڊنگ سبب جابلو علائقن ۾ روڊ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا آھن، جنھن سبب متاثرن جي بحالي وارو آپريشن به متاثر ٿي رھيو آھي، افغان طالبان موجب ٻوڏ متاثرن جي مدد رڳو ھوائي آپريشن ذريعي ئي ممڪن آھن، ھنن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته زلزلي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سندن مدد ڪئي وڃي.
افغانستان ۾ ھميشه زلزلن جو خطرو رھندو آھي ڇو ته ھي ملڪ فالٽ لائنز جي مٿان آھي، سال 2022 ۾ اولھه افغانستان ۾ 5.9 جي شدت جي زلزلي سبب گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ھزار ماڻھو فوت ۽ 3 ھزار زخمي ٿيا ھئا، اھو ٻن ڏھاڪن دوران ملڪ ۾ آيل سڀ کان بدترين زلزلو ھو.
ريڪٽر اسڪيل تي 2022 ۾ آيل زلزلي جي شدت ته گھٽ رڪارڊ ٿي، پر ان جي گھرائي 10 ڪلوميٽر ھئي، جيڪا تباھي جو ڪارڻ بڻي پر آچر ڏھاڙي آيل زلزلي جي گھرائي 8 ڪلوميٽر ھئي، افغانستان ۾ نقصان جو ٻيو وڏو سبب ڪمزور عمارتون به آھن، ھتي اڪثر ڪچا گھر ۽ عمارتون ڪمزور ڪنڪٽريٽ سان ٺھيل آھن، جنھن سبب اھي زلزلو برداشت ڪرڻ جي صلاحيت نٿيون رکن.
افغانستان ۾ زلزلا لينڊ سلائيڊنگ جو سبب به بڻجندا آھن، جنھن سبب روڊ تباھه ٿي ويندا آھن ۽ امدادي ٽيمن جي روانگي تي به اثر پوندو آھي.
زلزلي جا لوڏا پاڪستان ۾ به محسوس ڪيا ويا
افغانستان ۾ آيل زلزلي جا لوڏا پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، موسميات کاتي موجب اسلام آباد، مري، پشاور، ايبٽ آباد، اٽڪ ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، موسميات کاتي موجب پاڪستان ۾ زلزلي جا آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آھن، زلزلي جو مرڪز افغانستان ھو، زلزلي کانپوءِ ھن وقت تائين لڳ ڀڳ 3 آفٽر شاڪس اچي چڪا آھن، جن جي شدت 4.5 ۽ 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي، موسميات کاتي موجب ھن وقت به زلزلي جا آفٽر شاڪس اچڻ جو خدشو آھي.