اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان دهشتگرد عنصرن جي موجودگي علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ گڏيل قومن جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي واضع تائيد ڪري ٿي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو تہ افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي بابت جوڳا ثبوت موجود آهن، دهشتگردن کي افغان سرزمين تي سهائتا ملڻ جا پختا ثبوت آهن، پاڪستان کي دهشتگرد عنصرن جي حمايت بابت انساني ۽ ٻين انٽيليجنس ذريعن وٽان ڄاڻ ملندي رهي ٿي، دهشتگردن جو انگ، نالا ۽ مالي مدد بابت معتبر رپورٽون موجود آهن.
ھن چيو تہ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سفارتي چينلز فعال آهن، ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي راڄڌانين ۾ موجود آهن، ٻطرفا معاملا سفارتي ذريعن وسيلي بحث هيٺ ايندا رھن ٿا.
هن چيو تہ ايران ۾ ٿيل علائقائي معاملن بابت گڏجاڻي ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي تي ڳالهہ ٻولهہ ٿي ، اجلاس ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن واري معاملي تي تفصيلي ويچاريو ويو، تهران ۾ پاڙيسري ملڪن جي خاص نمائندن جو اجلاس علائقائي ميڪينزم جو حصو هو، علائقائي ميڪينزم اتفاق راءِ ۽ مشاورت لاءِ اهم آهي.
طاهر اندراني چيو تہ افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي، دهشتگرد گروھن جي موجودگي افغانستان ۾ اندروني استحڪام ۽ ترقي جي ڪوششن کي بہ نقصان پهچائي رھي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون رپورٽون افغانستان ۾ مختلف دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي جي تصديق ڪن ٿيون، رپورٽ ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين پرڏيهي دهشتگرد عنصرن جو خاص ذڪر ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي واضع تائيد ڪري ٿي، دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن.
ترجمان موجب بين الاقوامي استحڪام فورس بابت ڪجهہ عالمي راڄڌانين ۾ مشاورت جاري آهي، پر پاڪستان کي ان معاملي تي ڪنهن مخصوص درخواست بابت آگاهہ ناهي ڪيو ويو ۽ ان فورس بابت پاڪستان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو.
ترجمان آسٽريليا ۾ فائرنگ واري واقعي بابت چيو تہ بونڊائي سمنڊ ڪناري ٿيل حملي جي جاچ آسٽريلوي اختياريون ڪري رھيون آهن، ان حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ افسوسناڪ ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي، هڪ پاڪستاني جو نالو ۽ تصوير بنا تصديق ميڊيا تي ڏيکاري وئي، جنهن سبب غلط رپورٽنگ سبب هڪ بيگناهہ شخص ۽ سندس ڪٽنب لاءِ خطرا وڌي ويا، ڀارتي ميڊيا واقعي بابت غلط ڄاڻ پکيڙي پروپيگنڊا ڪئي، جڏھن تہ حملي آور ڀارتي ڄائو ۽ ڀارتي پاسپورٽ هولڊر نڪتو.
هن ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار طرفان هڪ سرڪاري تقريب دوران مسلمان عورت ڊاڪٽر جو نقاب زبردستي لاهڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو تہ هڪ سينيئر سياسي اڳواڻ طرفام مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي ۽ ان جي سخت مذمت ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو تہ اهو قدم ڀارت ۾ مسلمان عورتن جي تذليل کي معمول بڻائڻ واري رويي جي هڪ ڪڙي بڻجي سگهي ٿو ۽ اهو رويو ڀارت جي مذهبي اقليتن، خاص طور تي مسلم شهرين سان عوامي بدسلوڪي جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو.
ترجمان وڌيڪ چيو تہ پاڪستان سڀني ذميوار ڌرين ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڏئي ٿو تہ هو هن واقعي جي سنگيني کي قبول ڪن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي آزادي جي احترام ۽ انساني وقار جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن…..