اسلام آباد : پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي تہ جيستائين افغان حڪومت پاران دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي روڪٿام بابت پختي خاطري نہ ڪرائي ويندي تيستائين سرحد بند رھندي.
پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو تہ مسئلو رڳو ٽي ٽي پي يا ٽي ٽي اي جو ناهي، افغان شهري بہ پاڪستان اندر سنگين ڏوھن ۾ ملوث رھيا آهن، سرحد جي بندش کي انهي حقيقت جي پس منظر ۾ سمجهڻ گهرجي.
ترجمان چيو تہ پاڪستان کي افغان عوام سان ڪو اختلاف ناهي، اهي اسان جا ڀائر ۽ ڀينر آهن، بارڊر بندش جا سيڪيورٽي سبب آهن.
هن چيو تہ افغان عوام لاءِ امدادي راڌاري فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان هميشہ هاڪاري رھيو آهي، بارڊر پاليسي جو تعلق افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عملي سهڪار سان آهي، افغان حڪومت ضمانت ڏئي تہ دهشتگرد ۽ پرتشدد عنصر پاڪستان ۾ داخل نہ ٿيندام جيستائين اهڙي پڪ نہ ڏياري ويندي تيستائين پاڪ–افغان سرحد بند رھندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو تہ سعودي عرب ۾ پاڪ- افغان ڳالهين جي حوالي سان ميڊيا رپورٽن بابت ڄاڻ آهي.
طاهر حسن اندرابي چيو تہ ترڪ صدر ٻہ هفتا اڳ اعلان ڪيو هو تہ هڪ اعليٰ سطحي ترڪيہ وفد اسلام آباد ايندو، وفد جي نہ اچڻ جو ڪارڻ ري شيڊيولنگ بہ ٿي سگهي ٿي يا طالبان طرفان سهڪار نہ ڪرڻ، افغانستان سان سرحد جي بندش پنهنجي حفاظت لاءِ ڪئي آهي، اسان نٿا چاهيون تہ اسان جا شهري دهشتگردي جو نشانو بڻجن.
ترجمان چيو تہ صدر پيوٽن جو ڀارت جو دورو ٻن خودمختيار ملڪن جو گڏيل معاملو آهي، ڀارت ۽ روس جي امڪاني دفاعي معاهدن تي پاڪستان جي ڪا مخصوص پوزيشن ناهي، رياستون پنهنجا ٻہ طرفا لاڳاپا وڌائڻ ۾ خودمختيار آهن.
هن چيو تہ ڀارتي حڪومت جون مسلم مخالف پاليسين تي ڳڻتي آهي، رياستي سرپرستي انتهاپسند تنظيمن کي وڌيڪ دلير بڻايو آهي، سڀاڻي بابري مسجد جي شهادت کي 33 سال پورا ٿيندا، اهو واقعو اڄ به ڏک ۽ ڳڻتي جو سبب آهي، مسلم مذهبي نشانين ۽ تاريخي ورثي کي نقصان پهچائڻ جي هر عمل جو شفاف احتساب ضروري آهي، ڪنهن به مقدس هنڌ جي بي حرمتي مذهبي برابري جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي….