افغانستان طرفان فوجي اڏن بابت چئن  ملڪن جي بيان جي آجيان

فہرستِ مضامین

پاڪستان، چين، ايران ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات تي افغانستان جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي، افغان عبوري حڪومت افغانستان ۾ ڪنهن بہ پرڏيهي فوجي اڏي خلاف بيان جي آجيان ڪئي آهي.

افغان عبوري حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي تہ هو پرڏيهي فوجي اڏن جي قيام خلاف بيان جو استقبال ڪري ٿو، ۽ افغانستان پاڪستان، روس، چين ۽ ايران جي موقف جو آجيان ڪري ٿو.

حمدالله فطرت چيو تہ افغانستان جي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، ڪنهن بہ هٿياربند گروپ کي افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ اهو الزام بي بنياد آهي تہ افغانستان ٻين ملڪن لاءِ ڪو به خطرو آهي.

ترجمان چيو تہ افغانستان ڪرپشن، منشيات ۽ هر قسم جي ناپسنديدا مسئلن خلاف قدم کڻي رھيو آهي. افغانستان سڀني ملڪن سان گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو. ڪابل جي پاليسي گڏيل اعتماد، مثبت رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ تي ٻڌل آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں