افغانستان سان سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جا 23 جوان شھيد: 200 طالبان مارجي ويا، 21 چوڪيون تباھ: آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

پاڪ فوج پاران افغان سرحد تي بزدلاڻن حملن جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي مارجي  ويا آھن

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ   تصديق ٿيل انٽيليجنس ذريعن ۽ نقصان جي ڪاٿي مطابق 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ ساڻن واڳيل شدت پسندن کي ماريو ويو

پاڪستاني فورسز جوابي ڪارروائي ۾ طالبان جي پوسٽن، ڪيمپن، ھيدڪوارٽرز ۽ شدت پسندن جي انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پھچايو، جيڪي پاڪستان خلاف ڪاررواين ۾ استعمال ٿي رھيا ھئا

چڪرين دوران ملڪ جو دفاع ڪندي پاڪ فوج جا 23 جوان شھيد، 29 زخمي ٿي پيا آھن

پاڪ فوج افغانستان جي 21 پوسٽن تي قبضو ڪيو، افغان عبوري حڪومت کي خبردار ڪيو آھي تہ پنھنجي سرزمين تان دھشتگردن جو خاتمو ڪيو وڃي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں