افغانستان۾ ڇڏيل آمريڪي ھٿيار پاڪستان ۾ دھشتگردن ھٿان استعمال ٿيڻ لڳا: سي اين اي

فہرستِ مضامین

افغانستان ۾ آمريڪي فوج نڪرڻ کانپوءِ ڇڏيل جديد آمريڪي ھٿيار پاڪستان ۾ دھشتگردي لاءِ استعمال ٿي رھيا آھن.

آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اي جي ھڪ تفصيلي رپورٽ موجب ھي ھٿيار رڳو پاڪستان نہ پر افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين سيڪيورٽي خطرو بڻجي ويا آھن.

رپورٽ موجب ھي ھٿيار شروعاتي طور تي اڳوڻي افغان فوج جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ فراھم ڪيا ويا ھئا پر آمريڪي فوج نڪرڻ کانپوءِ ھي ھٿيار وڏي مقدار ۾ افغانستان ۾ ڇڏيا ويا ھئا.

افغانستان جي نئين سر اڏاوت سان لاڳاپيل آمريڪي اداري( ايس آءِ جي اي آر ) جي اڳوڻي سربراھ جان سوپڪو موجب آمريڪي فوج جي نيڪالي دوران تقريبن 3 لک جديد آمريڪي ھٿيار افغانستان ۾ موجود ھئا.

سي اين اي موجب دھشتگردن جي ان ھٿيارن تائين رسائي دھشتگرد حملن جي نوعيت ۽ شدد ۾ واضح اضافو ڪري ڇڏيو آھي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ت ھي صورتحال، چين، ايران ۽ پاڪستان لاءِ خطرناڪ سمجھي پئي وڃي.

رپورٽ موجب پابندي مڙھيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ لبريشن آرمي جا دھشتگرد آمريڪي ڇڏيل جديد رائفلز، مشين گنز ۽ اسنائپر ھٿيار استعمال ڪري رھيا آھن، دھشتگردن جي استعمال ھيٺ ھٿيارن ۾ M4, M-16, M249 مشين گنز، اسنائپر رائفلرز ۽ نائٽ ويزن ڊيوائسز شامل آھن.

سي اين اين موجب آگسٽ 2025 ۾ آمريڪا بي ايل اي کي باضابطا دھشتگرد تنظيم قرار ڏنو ھو، رپورٽ ۾ اھو بہ ٻڌايو ويو آھي تہ پاڪستان سيڪيورٽي فورسز دھشتگردن وٽان ھٿ آيل آمريڪي مھر لڳل ھٿيار سي اين اين جي نمائندن کي ڏيکاريا.

رپورٽ موجب ڏکن وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ ٿيل دھشتگرد حملن دوران اھي جديد آ۾ريڪي ھٿيار استعمال ٿيا، ماھرن جو چوڻ آھي تھ آمريڪي ھٿيارن ۽ نائٽ ويزن شين جي دستيابي دھشتگردن جي صلاحيتن ۾ اضافي جو سبب بڻي آھي ۽ ھي ھٿيار دھشتگردي خلاسف ڪاررواين ۾ ھڪ وڏي رنڊڪ بڻجي چڪا آھن، جنھن سان پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌيڪ وڌي ويا آھن…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں