قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پي ٽي آءِ جـَي باني عمران خان جي اک جِي ديد بھتر ھئڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
شيخوپورو ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو تہ عمران خان جي ھڪ اک جي ديد 6 مان 6 سيڪڙو ۽ ٻي اک جي ديد عينڪ لڳائي 70 سيڪڙو آھي.
ھن چيو تہ طبي ٽيم عمران خان جي صحت تي مڪمل اطمينان جو اظھار ڪيو آھي، اپوزيشن اڳواڻن ۽ عمران خان جي ذاتي معالجن کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ھوڏانھن حڪومتي پاران جوڙيل ميڊيڪل بورڊ بہ عمران خان جو اڊيالا جيل پھچي معائنو ڪيو ۽ سندس اکين جي علاج تي اطمينان ظاھر ڪيو.
ذريعن موجب حڪومت پاران جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل اکين جي ماھر ڊاڪٽرن اپوزيشن اڳواڻن ۽ عمران خان جي ذاتي معالجن کي تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ تائين تفصيلي بريفنگ ڏني.
حڪومتي ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ عمران خان جو طبي معائنو ڪيو، انتطار ڪرڻ باوجود عمران خان جا گھر ڀاتي نہ پھتا.
ميڊيڪل بورڊ پنھنجي رپورٽ اڄ حڪومت کي اماڻيندو، جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻ جو امڪان آھي.