اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 11.50 سيڪڙو تي برقرار رکي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: (بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح 11.50 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ معاشي صورتحال ۽ موجوده مالي حالتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاليسي ريٽ ۾ ڪا تبديلي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اسٽيٽ بئنڪ موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده معاشي ۽ مالي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ پاليسي ريٽ ۾ ڪا به تبديلي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 11.50 سيڪڙو تي برقرار رهندي.

مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاران وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن ملڪ ۾ مهانگائي، معاشي سرگرمين، ٻاهرين شعبي ۽ عالمي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مانيٽري پاليسي بابت مختلف اندازا لڳايا پئي ويا.

مالي شعبي جي اڪثريت اڳ ئي اندازو ظاهر ڪيو هو ته اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح موجوده سطح تي برقرار رکي سگهي ٿي.

مرڪزي بئنڪ جي فيصلي کانپوءِ هاڻي ڪاروباري ۽ مالي مارڪيٽن جي نظر ايندڙ مانيٽري پاليسي فيصلن ۽ مهانگائي جي صورتحال تي هوندي.

وياج جي شرح برقرار رهڻ سان قرضن جي لاڳت ۾ فوري تبديلي نه ايندي، جڏهن ته ڪاروباري شعبي ۽ سيڙپڪارن لاءِ موجوده وياج جي شرح برقرار رهندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں