اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي کي دشمن نٿا سمجهون، غلطي کي غلطي چوڻ اسان جو حق آهي: مولانا فضل الرحمان

فہرستِ مضامین

جمعيت علماء اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو تہ اسان اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي کي دشمن نہ ٿا سمجهون، ڪنهن بہ اداري يا حڪمران جي غلطي کي غلطي چوڻ اسان جو حق آهي۔

سکر ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تہ اسان جي پاڪستان سان وفاداري ۽ دوستي کي تسليم ڪيو وڃي، اسان خوشامدي سياست جا حامي نہ آهيون، حق ڳالهائينداسين۔

مولانا فضل الرحمان چيو تہ ديني مدرسا  قائم رھندا ۽ جي يو آءِ جدوجهد جاري رکندي۔

هن چيو تہ حڪمران آمريڪا جي سوچ کي سمجھڻ بغير اپنائن ٿا، حڪمران اولھ جي نہ پر اسلام جي پيروي ڪن۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں