اسلام آباد ۾ ڪال سينٽر تي ڇاپو، غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث 284 پرڏيهي گرفتار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اسلام آباد جي علائقي گلبرگ گرينز ۾ ڪال سينٽر اندر مبينا غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث 284 پرڏيهي شهرين کي گرفتار ڪري سندن ويزا منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب گلبرگ گرينز مان گرفتار ڪيل سمورن پرڏيهين کي 15 ڏينهن اندر پاڪستان مان واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن نالا بليڪ لسٽ ۽ فارنرز ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويندا.

گلبرگ گرينز ۾ واقع پلازا کي سب جيل قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ حڪم تائين پلازا کي سب جيل جو درجو حاصل رهندو، جڏهن ته ان جو انتظام ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عثمان موجب جاچ دوران انتهائي ڳڻتي جوڳا ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.

ڊي جي ايف آءِ اي موجب گرفتار جوابدار مبينا طور ڇوڪرين جون جعلي سڃاڻپون ٺاهي پاڪستاني شهرين سان رابطو ڪندا هئا ۽ مختلف موبائل ايپليڪيشنز ذريعي سيڙپڪاري جي نالي تي شهرين کان پئسا ڦريندا هئا.

هن چيو ته جوابدارن جي سرگرمين سبب ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين کي مالي نقصان پهتو آهي.

ڊي جي ايف آءِ اي موجب گرفتار پرڏيهين جي مقامي سهولتڪارن ۽ هينڊلرز جو پڻ پتو لڳايو ويو آهي، جن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملي ۾ ڪجهه سرڪاري اهلڪارن جي ممڪن سهڪار واري رخ کان به جاچ ڪئي پئي وڃي.

اختيارين موجب جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں