اسلام آباد ۾ دھشتگرد حملي بعد رياست کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو آهي تہ افغان حڪومت سان ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ جي ٿوري اميد ھئي، پر هن حملي کانپوءِ صورتحال جو ٻيهر جائزو وٺڻو پوندو، ھن حالتن بابت رياست کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو۔

اسلام آباد جي ضلعي عدالت ٻاھران آپگھاتي ڌماڪي جي واقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي دفاع واري وزير چيو تہ کين اندازو ھيو تہ دٻاءُ وجھڻ لاءِ اھڙي قسم جي ڪا حرڪت ڪئي ويندي.

خواجہ آصف چيو تہ دھشتگردي سرحدي علائقن ۾ محدود ھئي پر اسلام آباد ۾ دھشتگردي جو حملو رياست کي پنھنجي لاءِ پيغام سمجھڻ گھرجي.

ھن وقت اسلام آباد ۾ ويٺل دھشتگرد جن جي افغان حڪومت پٺڀرائي ڪري رھي آھي، اسلام آباد ۾ دھشتگرداڻي حملي سان پيغام ڏنو ويو آھي تہ سمورا علائقا انھن جي پھچ ۾ آھن.

خواجہ آصف چيو تہ سندن عوام ۽ فوج دھشتگردي خلاف  قربانيون ڏئي رھي آھي، پاڪستان دھشتگرداڻي ڪاررواين جو ڀرپور جواب ڏيندو، دھشتگرداڻيون ڪارروايون سرحدي ۽ شھري علائقن ۾ برداشت ڪيون وينديون.

ھن چيو تہ اسلام آباد ڌماڪي کانپوءِ ٽي ٽي پي بابت ڪنھن شڪ جي گنجائش ناھي رھي، ٽي ٽي پي جا سڀ سھولتڪار ڪابل ۾ ويٺل آھن، ھو سمجھي ٿو تہ دھشتگردي جا خطرا پاڪستان جي سمورن شھرن ۾ موجود آھن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں