اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي پنج ججن چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي اختيارن ۽ قدمن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي فوري ۽ تڪڙو رليف ڏيڻ جي استدعا ڪئي آھي.
جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جھانگيري، جسٽس ثمن رفعت ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان سپريم ڪورٽ ۾ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون.
درخواستن ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي آھي تہ انتظامي اختيارن کي ھاءِ ڪورٽ جي ججن کي عدالتي اختيارن کي ڪمزور ڪرڻ يا ان تي غالب ٿيڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگھجي.
درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو تہ جڏھن ڪنھن بينچ کي ڪيس ڏنو ويو ھجي، ان وقت چيف جسٽس کي نئين بينچ جوڙڻ يا ڪيس منتقل ڪرڻ جو اختيار نہ آھي.
چيف جسٽس اختيار نٿو اورانگھي سگھي
درخواستن ۾ اھو بہ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تہ چيف جسٽس پنھنجي مرضيءَ سان موجود ججز جي فھرست خارج نٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان اختيارن کي ججز کي عدالتي ذميوارين کان ھٽائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو.
سپريم ڪورٽ کي اھو بہ ٻڌايو ويو تہ بينچز جي جوڙجڪ، ڪيسز جي منتقلي ۽ فھرست جاري ڪرڻ رڳو ھاءِ ڪورٽ جي سمورن ججز جي منظوري سان ٺاھيل قاعدن موجب ڪري سگھجي ٿي، اھي اختيار آئين جي آرٽيڪل 202 ۽ 192 ( 1) تحت ڏنا ويا آھن.
درخواستگذار ججز وڌيڪ استدعا ڪئي تہ بينچز جي جوڙجڪ، روسٽر ھاءِ ڪورٽ جي رولز ۽ ڪيسز جي منتقلي بابت فيصلي جو اختيار رڳو چيف جسٽس جي اختيار ۾ ناھي، ماسٽر آف دي روسٽر جا اصول سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۾ ختم ڪيا ويا آھن.
انتظامي ڪميٽيون ڪالعدم آھن
درخواستن ۾ اھو بہ چيو ويو تہ 3 فيبروري ۽ 15 جولاءِ تي جاري ٿيل نوٽيفڪيشنز جي ذريعي ٺاھيل انتظامي ڪميٽيون ۽ ان جا قدم قانوني بدنيتي تي ٻڌل، غير قانوني ۽ ڪالعدم آھن.
عدالت کي استدعا ڪئي وئي آھي تہ انھن نوٽيفڪيشنز ۽ ڪميٽيز جي سمورن قدمن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، ان کان علاوہ ججز اھو بہ موقف اختيار ڪيو تہ غير قانوني طور جوڙيل انتظامي ڪميٽي جي ذريعي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز 2025 جي منظوري ۽ ھاءِ ڪورٽ جي پيشگي منظوري کانسواءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 192 (1) ۽ 202 جي ڀڃڪڙي آھي، سيپٽمبر ۾ ان جي واڌ بہ غير قانوني ۽ بي اثر آھي.
ھاءِ ڪورٽ ججز کي ماتحت عدالتن وانگر ڪنٽرول نٿي ڪري سگھي
ججز دعا ڪئي تہ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ کي ھدايت ڏئي تہ اھا ڊسٽرڪٽ جوڊيشري جي موثر نگراني ۽ نگران عمل ڪري، جيڪي آئين جي آرٽيڪل 203 ۾ درج آھن، تہ جيئن ھاءِ ڪورٽ پنھنجي ماتحت عدالتن جي نگراني ۽ ڪنٽرول ڪري سگھي.
درخواستگذار سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي تہ اعليٰ عدالت اھو اعلان ڪري تہ ھاءِ ڪورٽ پنھنجي لاءِ آئين جي آرٽڪيل 199 تحت ڪا رٽ جاري نٿي ڪري سگھي، آرٽيڪل 199 ھاءِ ڪورٽ جي اختيارن بابت آھي.
ججز وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آھي تہ ھاءِ ڪورٽ بينچ نہ ڪنھن سنگل بينچ جي عبوري فيصلن تي اپيل جو اختيار رکي ٿي ۽ نہ ئي ڪنھن سنگل بينچ جي ڪاررواين تي اھڙو ڪنٽرول ڪرڻ جو اختيار ڪري سگھي ٿي، جيئن اھا ڪا ھيٺين عدالت يا ٽربيونل ھجي.
جج کي ڪم کان سپريم جڊيشل ڪائونسل ئي روڪي سگھي ٿو
درخواستگذار ججز موقف ۾ اھو بہ ڄاڻايو تہ ھاءِ ڪورٽ جي جج کي رڳو آرٽيڪل 209 تحت عدالتي ڪم ڪرڻ کان روڪي سگھجي ٿو، ڪنھن جج کي عھدي تان ھٽائڻ لاءِ رٽِ کي وارانٽو قرار ڏيڻ ٺيڪ نہ آھي، آرٽيڪل 209 تحت سپريم جڊيشل ڪائونسل کي سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي صلاحيت ۽ رويي جي جاچ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو.
آخر ۾ درخواستگذارن سپريم ڪورٽ کي اھا استدعا ڪئي تہ ھن ڪيس ۾ حالتن موجب ڪو ٻيو رليف بہ ڏنو وڃي، جيڪو مناسب سمجھيو وڃي.