اسلام آباد ۾امام بارگاھ تي ٿيل آپگھاتي ڌماڪي مان شھيد ٿيندڙ 13 ڄڻن جي جنازي نماز نائين امام بارگاھ ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، سردار محمد يوسف، راجا خرم نواز، آءِ جي اسلام آباد سميت شهرين جي وڏي انگ توڙي عالمِ دين شرڪت ڪئي.
جنازي واري هنڌ جي چوڌاري سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، نماز جنازا کانپوءِ شهيدن جا مڙھ تدفين لاءِ سندن اباڻن علائقن ڏانھن روانا ڪيا ويا.
جڏھن تہ ٻن شهيدن جي جنازي نماز امام بارگاھ جامع صادق ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامہ راجا ناصر عباس پڻ شرڪت ڪئي.
ياد رھي تہ گذريل ڏينھن اسلام آباد جي ترلائي واري علائقي ۾ امام بارگاھ ۾ ٿيل آپگھاتي ڌماڪي ۾ 32 نمازي شھيد، جڏھن تہ 162 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، جنھن مان 29 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي……..