ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ 18هين ترميم ۽ صوبائي حقن جو دفاع اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، انهن ئي اختيارن تحت صوبن ۾ صحت ۽ عوامي ڀلائي جا وڏا منصوبا ممڪن ٿي سگھن ٿا
ڪراچي ۾ ايس آءِ يو ٽي جي نئين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ اسلام آباد چاهي ٿو تہ صوبن جو تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول جو اختيار واپس ورتو وڃي ۽ جڏھن توھان ڪنهن کان اختيار واپس وٺندا آهيو تہ ان جا اثر ضرور پوندا آهن، 18هين ترميم ئي صحت جو شعبو هلائڻ جو بهترين رستو آهي ۽ اسان پنهنجي حقن جو دفاع ڪنداسين.
هن چيو تہ فائيو اسٽار هوٽل کي فائيو اسٽار اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ سٺو قدم آهي، سنڌ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال جو نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ پ پ سدائين پٺ تي پيل طبقي جي خدمت ڪندي آئي آهي.
سندس چوڻ هو تہ اڄڪلهہ صوبن جي حقن ۽ وسيلن تي گهڻو بحث هلي رھيو آهي پر صوبن جي حقن تي بحث جو سڀ کان بهترين جواب سنڌ جو هيلٿ سسٽم آهي، 18هين ترميم کانپوءِ اين آءِ سي وي ڊي کي ڏسو، فرق صاف نظر ايندو، ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت جا ادارا بهتر ٿيا….