اسلام آباد ۾ هڪ امام بارگاه ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 31 کان وڌيڪ ماڻھو شھيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن، شھيدن۾ آءِ جي اسلام آباد جو سئوٽ ۽ رتوديرو واسي بہ ھڪ ڄڻو شامل آھن.
پوليس موجب ڌماڪو اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ واقع امام بارگاهه خديجتہ الڪبريٰ ۾ جمعي نماز دوران ٿيو۔
ڌماڪي جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏھن تہ ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا پڻ ٽٽُي پيا.
ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، ريسڪيو عملو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جا اهلڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پھتا، جن شھيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي تہ فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ آپگھاتي حملي آور کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، جنهن بعد هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن سبب وڏو جاني نقصان ٿيو۔
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ڌماڪي ۾ ھن وقت تائين 31 ڄڻن جي شهادت ۽ 160 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏھن تہ واقعي کانپوءِ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي۔
اسپتال انتظاميا موجب ڌماڪي ۾ زخمين جو انگ 100 کان وڌيڪ آهي، جن مان پمز اسپتال ۾ 60، پولي ڪلينڪ ۾ 13، فيڊرل جنرل اسپتال ۾ 27 ۽ بينظير اسپتال ۾ 2 زخمي آندا ويا آهن، پمز اسپتال ۾ گنجائش ختم ٿيڻ سبب زخمين کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي۔
اکين ڏٺن شاھدن موجب امام بارگاه ۾ ڌماڪو جمعي جي نماز دوران ٻي رڪعت دوران ان وقت ٿيو، جڏهن نمازي سجدي ۾ ھئا.
ذريعن جو چوڻ آهي تہ حملو ڪندڙ پهريان فائرنگ ڪئي، جنهن بعد سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، ۽ ان دوران ئي آپگھاتي بمبار پاڻ کي امام بارگاھ جي مُک دروازي وٽ ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو۔
آءِ جي اسلام آباد چيو تہ ڌماڪي ۾ سندس سئوٽ جو پٽ بہ شهيد ٿيو، جيڪو نماز ادا ڪرڻ لاءِ ٽن ماڙ عمارت ۾ موجود هو۔