اسلام آباد جوڊيشل ڪمپليڪس تي ڌماڪي ۾ ملوث آپگھاتي بمبار جا مددگار 4 دھشتگرد گرفتار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: جوڊيشل ڪمپليڪس تي ڌماڪي ۾ ملوث آپگھاتي بمبار جا مددگار فتنہ الخوارج ٽي ٽي پي جا 4 دھشتگرد گرفتار ڪيا ويا  آھن.

وفاقي حڪومت موجب انٽيلي جنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي ۾ ڌماڪي ۾ ملوث پورو نيٽورڪ پڪڙيو ويو آھي.

جاچ دوران آپگھاتي حملي آور جي ھينڊلر ساجد اللھ عرف شينا اعتراف ڪيو تہ افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي ڪمانڊر سعيد الرحمان عرف داداللھ ٽيلي گرام اپليڪيشن تي رابطو ڪري اسلام آباد ۾ آپھگاتي حملي ڪرڻ جي ھدايت ڏني ھئي.

اختيارن موجب آپگھاتي بمبار افغانستان کان پاڪستان پھتو تہ ان کي اسلام آباد جي ھڪ علائقي ۾ ترسايو ويو، داد اللھ جي ھدايت تي دھشتگرد پشاور مان آپگھاتي جيڪٽ حاصل ڪئي ۽ ان کي اسلام آباد پھچايو، ساجد اللھ ئي آپگھاتي بمبار کي جيڪٽ پھرائي.

اختيارن موجب آپگھاتي بمبار عثمان عرف “قاري” جو تعلق شينواري قبيلي سان ھو ۽ ھو افغانستان جي صوبي نگرھار جو رھائشي ھو.

حڪومت موجب ٽي ٽي پي، فتنہ الخوارج جي افغانستان ۾ موجود اعليٰ قيادت ھر قدم تي ھن نيٽورڪ جي رھمنائي ڪري رھي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں