اسلام آباد: اين سي سي آءِ اي جو ڪال سينٽر تي ڇاپو، مبينا سائبر ڪرائيم ۾ ملوث جوابدار فرار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) اسلام آباد جي سيڪٽر جي-8 ۾ هڪ ڪال سينٽر تي ڇاپو هڻي مبينا سائبر ڪرائيم ۽ ڊجيٽل فراڊ ۾ استعمال ٿيندڙ ڊجيٽل ڊوائيسز سميت ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي ورتو.

اين سي سي آءِ اي موجب ڇاپي دوران ڪال سينٽر ۾ موجود مبينا سائبر ڪرائيم ۾ ملوث پاڪستاني ۽ غيرملڪي شهري موقعي تان فرار ٿي ويا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪال سينٽر ذريعي منظم سائبر ڪرائيم ۽ ڊجيٽل فراڊ جو مبينا نيٽ ورڪ هلايو پئي ويو.

اين سي سي آءِ اي موجب ڪارروائي دوران ڪمپيوٽرن، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ ٻيو اهم سامان تحويل ۾ ورتو ويو، جنهن کي وڌيڪ جاچ ۽ فارنزڪ معائني لاءِ موڪليو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪال سينٽر مان مبينا سائبر ڪرائيم بابت اهم ثبوت حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں