اسلام آباد ۾ اھم شخصيت جي پٽ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل ٻن نارين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ عدالت جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ شائستہ ڪنڊي جي عدالت ۾ گرفتار جوابدار ابوذر کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پيش ڪيو ويو.
عدالت آڏو متاثر ٿيل ٻنهي خاندانن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو، هڪ ناري جو ڀاءُ بيان ڏيڻ لاءِ عدالت آيو ۽ ماءُ جو آن لائن بيان رڪارڊ ڪيو ويو. جڏھن تہ ٻي ناري جي پيءُ جو بيان پڻ عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻنهي خاندانن ۾ ٺاهہ ٿيڻ کانپوءِ جوابدار خلاف ڪيس ختم ڪيو ويو.
متاثر خاندانن جي بيان کانپوءِ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وئي ۽ عدالت جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.