اسلام آباد ۾ امام بارگاھ ۾ ٿيل آپگھاتي ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي سامھون آئي آھي.
پوليس ذريعن موجب پشاور ۾ حملي آور جي گھر تي ڇاپو ھڻي، سندس ٻن ڀائرن، ڀيڻيوي ۽ ھڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو.
جاچ ذريعن موجب واقعي واري ھنڌان آپگھاتي بمبار جو سڃاڻپ ڪارڊ بہ مليو، سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي حملي آور جي سڃاڻپ ياسر نالي سان ٿي.
سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو عباس ڪالوني شيروجنگي چارسدہ روڊ پشاور لکيل آھي، ھاڻوڪو پتو گنج محلا قاضيان پشاور ٻڌايو ويو آھي.
جاچ عملدارن موجب آپگھاتي حملي آور 5 مھينا افغانستان ۾ رھيو جتي ان ھٿيار ھلائڻ ۽ آپگھاتي حملي جي تربيت حاصل ڪئي.
پوليس پشاور ۽ نوشھرا ۾ حملي آور جي امڪاني نيٽورڪ ۽ سھولتڪارن جي نشاندھي ۽ گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ جاري آھي، جنھن ۾ حملي آور جي رابطن ۽ سھولتڪارن جي جاچ ڪئي وئي وڃي.
پوليس ذريعن موجب جاچ دوران وڌيڪ اھم شاھديون ملڻ جو امڪان آھي جيڪو اسلام آباد ۾ دھشتگردي جي واقعي جي پسمنظر کي واضح ڪنديون…….