اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل مذھبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا کي گستاخي جو ملزم قرار ڏيندي چيو آھي تہ مرزا محمد علي جا بيان بنا ڪنھن شرعي مقصد لاءِ چيا ويا، نقلِ ڪفر تي ٻڌل بيانن جي بنياد تي انجنيئر مرزا سخت تعزيري سزا جو مستحق آھي.
اسلام آباد ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ڪائونسل جي ميمبرن جسٽس (ر) ظفر اقبال چوڌري، ڊاڪٽر عبدالغفور راشد، صاحبزادہ پير سلطان قادري، محمد جلال الدين ايڊووڪيٽ ۽ حافظ طاھر محمود اشرفي شرڪت ڪئي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ونگ جي خط بابت مرزا محمد علي انجنيئر تي لاڳو توھين رياست جي ايف آءِ آر جو جائزو ورتو ۽ ان تي فيصلو ٻڌايو.
محمد علي مرزا جي گرفتاري
واضح رھي تہ 26 آگسٽ تي جھلم پوليس تڪراري ويڊيو بيان تي نامياري مذھبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا کي امن عامہ ( ٿري ايم پي او) آرڊيننس تحت حراست ۾ وٺي جيل منتقل ڪيو ھو، جڏھن تہ سندس اڪيڊمي کي تالا لڳائي سيل ڪيو ويو ھو.
پنجاب جي شھر جھلم جي مشين پاڙي جي رھواسي انجنيئر محمد علي مرزا پنھنجي ليڪچر ۽ خطاب سوشل ميڊيا تي باقاعدگي سان اپلوڊ ڪندو ھو، يوٽيوب تي سندس فالوورز جو تعداد 31 لک کان وڌيڪ آھي.
ايم پي او آرڊيننس ڇا آھي؟
ايم پي او آرڊيننس جي شق 3 انتظاميہ کي اختيار ڏئي ٿي تہ اھا ڪنھن بہ اھڙي شخص کي گرفتار ۽ حراست ۾ وٺي سگھي ٿي، جنھن سان عوامي مفاد کي نقصان پھچڻ ۽ امن امان خراب ٿيڻ جو خدشو ھجي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل موجب اڪثر چيو ويندو آھي تہ قرآن ۽ سنت ۾ بہ اڪثر ڪفريہ لفظ نقل ٿيندا آھن پر شرعي اصول اھو آھي تہ ڪفر جا اھي لفظ رڳو ان وقت نقل ڪري سگھجن ٿا، جڏھن انھن جو مقصد جائز ديني ضرورت ھجي، مثال طور شھادت، باطل جي ترديد، تعليم يا تنبيہ وغيرہ، بنا ڪنھن ضرورت جي اھڙا ڪلما ورجائڻ ناجائز ۽ اڪثر صورتن ۾سخت گناھ آھي، خاص طور تي جڏھن معاملو حرمت رسول صلی اللہ علیہ وسلم جو ھجي تہ ڪنھن شرعي مقصد کانسواءِ توھين آميز جملي جو نقل ڪرڻ قطعي طور اجازت نہ آھي.
ڪونسل فيصلي ۾ چيو تہ مرزا محمد علي انجنيئر جي ڪيترن ئي بيانن ۾ اھڙا جملا موجود آھن، جيڪي رڳو نقلِ ڪفر تي مشتمل آھن پر ڪنھن شرعي مقصد کانسواءِ چيا ويا آھن، ان جي بنياد تي اھو طرز عمل سخت تعزيري سزا جو مستحق آھي، ڇو تہ ان اھو عمل بار بار ورجايو، ان ڪري سندس جرم وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪري ويو آھي.
ود ھولڊنگ ٽيڪس غير شرعي قرار
اسلامي نظرياتي ڪائونسل بينڪ مان رقم ڪڍرائڻ ۽ منتقل ڪرڻ تي ود ھولڊنگ ٽيڪس کي غير شرعي قرار ڏنو آھي،14 جون 2025 تي ناڻي بابت قومي اسيمبلي جي ڪميٽي روڪ رقم ڪڍرائڻ تي ود ھولڊنگ ٽيڪس جي شرح 0.6 مان وڌائي 0.8 ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي.
ڪونسل جي راءِ آھي تہ ديت جي شرعي مقدارن يعني سون، چاندي ۽ اُٺ قانون ۾ شامل رھيا آھن، بل ۾ چاندي کي حذف ۽ سون جي غير شرعي مقدار کي معيار بڻايو ويو آھي.