ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا جاري آھن ، آمريڪي صدر تھران تي ڪيل شديد بمباري جي ويديو پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آھي.
آمريڪي صدر تھران تي شديد بمباري جي ويڊيو پنھنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شيئر ڪندي لکيو تہ ايراني فوج جي ڪيترن ئي ليڊرز کي جيڪي جنگ کي ليڊ ڪري رھيا ھئا انھن کي ختم ڪيو ويو آھي.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پاران ايران جي پيٽرو ڪيميڪل تنصيبات تي ڪيل حملي ۾ 5 ڄڻا شھيد ۽ 170 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، آمريڪا ايران جو شاھڪار اسپورٽس اسٽيڊيم بہ تباھ ڪري ڇڏيو.
ھوڏانھن ايران جون بہ جوابي ڪارروايون جاري آھن، ايران پاران ڪويت ۾ گئس فيلڊ، سرڪاري عمارتن ۽ بجلي پيدواري يونٽس کي ڊرون حملي سان نشانو بڻايو ويو.
روسي ميڊيا ڪويت جي سرڪاري عمارت ۾ نقصان جي ويڊيو جاري ڪئي آھي، ٻئي پاسي ڪويت جي پاڻي واري وزارت موجب ايراني حملي ۾ بجلي گھرن کي نشانو بڻايو ويو، حملن بعد بجلي جي پيدوارا جا 2 يونٽس بند ڪيا ويا آھن.
ايران پاران اسرائيلي شھرتل ابيب تي حملا ڪيا ويا، جنھن ۾ وڏي نقصان جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي…..