اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي تہ اسرائيلي فوج ايراني سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني کي نشانو بڻايو آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب في اڃا تائين واضح ناھي ٿي سگھيو تہ علي لاريجاني ھن حملي ۾ شھيد ٿيو آھي يا زخمي ٿيو آھي.
ايران جي گادي واري شھر تھران ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، پرڏيھي ميڊيا موجب ڌماڪا شھر جي مرڪزي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، پر واضح ناھي ٿي سگھيو تہ ڪھڙن مخصوص ھنڌن کي نشانو بڻايو ويو.
ان واقعي خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ تھران ۾ شھرين ۽ سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ ھلچل جاري آھي……